موهٽا پئليس آفيشل اسائني حوالي ڪرڻ کان منع، 18 نومبر تي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ  جي جسٽس عقيل احمد عباسي جي سربراهي ۾  ٻه رڪني بئنچ سنڌ حڪومت جي اپيل تي قصر فاطمه المعروف موهٽا پئليس کي ميڊيڪل ڪاليج ٺاهڻ واري معاملي ۾ آفيشنل اسائني کي موهٽا پئليس تحويل وٺڻ کان روڪيندي ڌرين کي 18نومبر جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.موهاٽا پئليس گئلري ٽرسٽ کي ڌر ٺاهڻ جي درخواست تي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن .سنگل بئنچ آفيشنل اسائني کي قصرفاطم تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو هو .موهٽاپيليس جو نالو بدلي ڪري قصرفاطمه رکيو ويو هو .جسٽس عقيل احمد عباسي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سنگل بئنچ جي حڪم ۾ته سنڌ حڪومت به شامل هئي .ايديشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته سرڪاري وڪيل پنهنجي مرضي جو اظهار ڪيو هو .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.