مڪا ٽيرس، بلڊر خلاف ڪارروائي ۽ رهائشين کي مسواڙ تي رهائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) عدالت مڪه  ٽيرس ڪيس ۾ اهم حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت ۽ فيصل ڪمال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ايس بي سي اي آفيسرن ۽ بلڊرمحمد وسيم جي خلاف ڪاروائي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اضافي جگهه خالي ڪرائڻ کان پوءِ سڄي عمارت خالي ٿي ويندي. جسٽس ظفر راجپوت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته بلڊر سمورن رهائشين کي مسواڙ جي جاءِ تي منتقل ڪرڻ جو انتظام ڪري. بلڊر رهواسين کي اضافي رقم واپس ڪري ،عدالت وڪيل کي هدايت ڪئي ته بلڊر کان پڇيو  ته هدايتن تي عمل ڪري ٿو جي نه ته اهڙو فيصلو جاري ڪيو ويندو جو بلڊر وري ڪو واپارنه ڪري سگهندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.