صدر ۽ وزيراعظم ڪير ٿيندا آهن طالبان سان پاڻمرادو ڳالهيون ڪرڻ وارا ؟ بلاول ڀٽو

اسلام آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت تحريڪ طالبان سان ڳالهين جي حوالي سان ڪنهن کي به اعتماد ۾ نه ورتو آهي، صدر ۽ وزيراعظم پاڻمرادو ڳالهيون ڪرڻ وارا ڪير ٿيندا آهن؟ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ طالبان سان ڳالهين جي حوالي سان ڪوبه اتفاق نه ٿيو آهي، پاڪستان جي جيڪا به پاليسي هوندي اها اتفاق راءِ سان ٺهندي ۽ پارليامينٽ مان منظور ٿيندي، هن چيو ته تحريڪ طالبان سان ڳالهين بابت اڳ به تنقيد ڪندو رهيو آهيان ۽ اڄ به ڪريان ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.