پاڪستان حڪومت ۽ ٽي ٽي پي ۾ ڳالهين جي تصديق، تحريڪ طالبان پاران جنگ بندي جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان ۾ ڳالهين جو سرڪاري طور انڪشاف ٿيو آهي، جنهن تحت ڌريون جنگ بندي لاءِ تيار ٿي ويون آهن. ان سلسلي ۾ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته  بندش پيل ٽي ٽي پي سان ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، ڳالهين ۾ اڳڀرائي موجب فائربندي ۾ واڌ ٿيندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو ذڪر ڪيو هو ۽ ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي، اهي ڳالهيون پاڪستان جي آئين تحت ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي موجب فائربندي ۾ واڌ ٿيندي، افغان عبوري حڪومت ڳالهين ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت ۽ عوام کي حقن کي نظر ۾ رکيو ويندو. سندس چوڻ هو ته ڳالهين ۾ متاثر علائقن جي عوام کي نظرانداز نه ڪيو ويندو، ڪا به حڪومت آئين ۽ قانون کان ٻاهر رهي ڳالهيون نٿي ڪري سگهي. هوڏانهن ڊان نيوز موجب افغان صوبي خوست ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن. جنهن جي ٽياڪڙي افغان گهرو وزير سراج الدين حقاني ڪري رهيو آهي. ٽي ٽي پي معمولي قسم جي ويڙهاڪن کي آزاد ڪرڻ جا مطالبا رکيا آهن . هوڏانهن تحريڪ طالبان پاڪستان به مهينو جنگ بندي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ٽي ٽي پي چيو آهي ته اڳتي جي پاليسي هڪ ٻئي جي رويي تحت ٿيندي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.