ڀارت آخري گروپ ميچ ۾ نميبيا کي 9 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي آخري گروپ ميچ ۾ نميبيا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارتي ٽيم ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي نميبين ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 132 رنسون ٺاهي سگهي.

ڀارت طرفان جديجا ۽ ايشون 3-3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته بمرا 2 شڪار ڪيا.

جواب ۾ ڀارتي ٽيم گهربل هدف 15.2 اوورن ۾ رڳو هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ئي حاصل ڪري ورتو.

روهت شرما 56 ۽ ڪي ايل راهول 54 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.

واضح رهي ته اهو ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جو آخري مقابلو هو.

ايندڙ سيمي فائنل مرحلي ۾ انگلينڊ جي ٽيم نيوزيلينڊ سان ۽ پاڪستان جي ٽيم آسٽريليا سان مهاڏو اٽڪائيندي، جڏهن ته ميگا ايونٽ جي فاتح جو فيصلو آچر تي ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.