بوائز هاءِ اسڪول گهارو جي پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش ناڪام،ٻه جوابدار گرفتار

بوائز هاءِ اسڪول گهارو جي پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

قبضا مافيا بوائز هاء اسڪول گهارو جي پلاٽ تي رات دير سان مٽي جا ڊمپر لاهي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي استادن قبضي تي ويٺلن کي قبضو ڪرڻ جي منع ڪئي ته جوابدارن حملو ڪري استاد شريف گُجر ۽ ضمير کوسو زخمي ڪري وڌيو. جنهن کان پوءِ  اسڪول جي سوين شاگردن، استادن ۽  سول سوسائٽي جي اڳواڻن قبضا مافيا خلاف استاد امير لاشاري. حسن سومرو.حسنين رضا. سول سوسائٽي جي اسد عمراڻي ۽ ٻين جي اڳوڻيءَ ۾ احتجاج ڪندي قومي شاهراھ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي ٽن ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

پ پ پ ايم پي اي رياض شاھ شيرازي ڌرڻي ۾ پهچي پوليس کي جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جون هدايتون ڪيون جنهن کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن نور محمد ۽ بهادر سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو.

ان موقعي تي رياض شاھ شيرازي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  تعليمي درسگاهن تي قبضا انتهائي افسوسناڪ عمل آھن تنهنڪري هن واقعي جي مذمت ڪجي ٿي. ان سلسلي ۾ وزير تعليم ۽ ڊي سي ٺٽو سان ڳالهائيندس ۽ تعليمي درسگاھ تي قبضوڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.