ڌاٻيجي: ناظم جوکيو جو  بيرحماڻو قتل سرادري نظام جي خاتمي جي قرباني قرار

سنڌ جي قومپرست ۽ پورھيت تنظيمن جي اڳواڻن ناظم جوکيو جي بيرحماڻي قتل کي سرادري نظام جي خاتمي جي قرباني قرار ڏيندي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ سندس  خاندان کي تحفظ فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پورھيت مزاحمت جي مرڪزي اڳواڻن مسرور شاھ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ٺٽي جي صدر سيد جلال، انجمن ترقي پسند جي منظور ٿھيم ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد ناظم جوکيو جي ڪيس جا رھيل جوابدار اڃان تائين گرفتار ناھن ٿي سگھيا، ڪيس تي اثر انداز ٿيڻ ۽ جوابدار کي بچائڻ لاءِ شھيد جي خاندان تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي،  سرداري نظام سنڌ جي سجاڳي ۽ ترقي لاءِ ناسور آھي.

هنن چيو ته سنڌ ۾ ھاڻي سرداري نظام جو خاتمو اچڻ جي شروعات ٿي چڪي آھي ھيءَ تحريڪ اڃان تيز ٿيندي.ناظم جوکيو ماحوليات جو تحفظ ڪندڙ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.