گهوڙاٻاڙي: پير ترڪڻ سبب نينگر واهه ۾ ٻڏي فوت

گھوڙا ٻاڙي ڀرسان نينگر واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو.

ڳوٺ جان محمد چانڊيو ۾ 12 ورهين جو مستانو نينگر معجو پٽ ذوالفقار چانڊيو ڳوٺ ڀرسان وهندڙ واهه ۾پير ترڪڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو.

فوتي نينگر جو لاش ڳوٺ کان اٺ ڪلوميٽر پري واهه مان هٿ ڪيو ويو.

فوتي نينگر جي وارثن جو چوڻ هو ته نينگر مستانو هو جيڪو رات جو اٿي گهران نڪري ويندو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.