مٺياڻي: نوجوان جتوئي گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول زبون حالي جو شڪار

مٺياڻي ڀرسان تاريخي حيثيت رکندڙ نوجوان جتوئي گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول تعليم کاتي جي بي ڌياني سبب زبون حال هجڻ سبب سوين شاگردياڻين جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو.

ان سلسلي ۾ هيڊ مسٽرس آپا رشيده، ميڊ ارم ۽ ٻِين جو چوڻ هو ته اسڪول جي بلڊنگ 1960ع ۾ تعمير ٿي هئي 60 سال گذرڻ باوجود هن وقت تائين اسڪول جي مرمت جو ڪم ناهي ڪرايو ويو ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي کي شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به تدارڪ ناهي ٿي سگھيو.

هنن چيو ته اسڪول ۾ ڪا به بنيادي سهولت موجود نه آهي، اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي ته اسڪول جو مرمتي ڪم ڪرائي اسڪول ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪري نياڻين جو مستقبل بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.