قمبر: ام رباب، حليم عادل شيخ ۽ ٻين جي فهميده سيال جي وارثن سان تعزيت

قمبر جي ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ جهيڙي دوران قتل ٿي ويل فهيده سيال جي تڏي تي تعزيت لاءِ پي ٽي آءِ  سنڌ جو صدر حليم عادل شيخ، ام رباب چانڊيو، ايم پي اي راجا اظهر حسين ۽ ٻيا اڳواڻ پهتا.

ان موقعي تي گڏيل پريس  ڪانفرنس ڪندي حيلم عادل شيخ، ام رباب چانڊيو ۽ ايم پي راجا اظهر حسين چيو ته سنڌ اندر ظالمن جو راڄ آهي روز ڪنهن نه ڪنهن مظلوم جو ناحق خون وهايو وڃي ٿو ۽ ان واقعن ۾ سنڌ حڪومت جا ايم پي اي  ملوث آهن.

هنن چيو ته ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ سڌي ريت ايم پي اي گنهور اسراڻ جو ساٿاري بڻيل آهي واقعي واري ڏينهن سيال برادري جا ماڻهو گرفتار ڪرائي بعد ۾ پوليس موبائيل موڪلي  سندن گهر مٿان حملو ڪرائي فهيده سيال کي قتل ڪرايو ويو.

سندن چوڻ هو ته پوليس گرفتار ڪيل جوابدارن کي ڪورٽ ۾ پيش نه ڪري کين ضمانت لاءِ مهلت ڏني، فهيده سيال ۽ ناظم جوکيو جي قاتلن کي هو ڪڏهن به معاف نه ڪنداسين وارثن کي اپيل آهي ته قاتلن سان ڪنهن به صورت ۾ راڄوڻي نه ڪئي وڃي کين قانون موجب سزا ڏياري وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.