ٽي ايل پي بحال ٿي سگهي ٿي ته ايم ڪيو ايم جو ڪهڙو ڏوهه؟ خالد مقبول

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن تي ٻڌل قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي پنهنجي جماعت جو معاملو اٿاري ڇڏيو.

قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ملڪي سياسي قيادت ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سميت اعليٰ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان معاهدي ۽ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين تي بحث ٿيو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي پنهنجي جماعت جو معاملو اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن ٽي ايل پي بحال ٿي سگهي ٿي ته ايم ڪيو ايم جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ پوليس وارن کي شهيد ڪرڻ کان تاڙيون وڄائڻ وڏي دهشتگردي ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.