انصارالاسلام تان به پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت جمعيت علماءِ اسلام جي ذيلي تنظيم انصارالاسلام تان به پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

پنجاب جي گهرو کاتي موجب انصارالاسلام تي پابندي لڳائڻ جو ريفرنس ڪابينا کان واپس گهرايو ويو آهي، ڪابينا کي ڪجهه مهينا اڳ انصارالاسلام تي پابندي جو ريفرنس موڪليو هو پر انصارالاسلام خلاف ريفرنس تي ڪا ڪارروائي نه ڪئي.

پنجاب جي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته انصارالاسلام جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي تنظيم آهي.

واضح رهي ته وفاقي ڪابينا پنجاب حڪومت جي سفارش تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان تان به پابندي کڻي ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.