ويرات ڪوهلي جو ڪيريئر خطري ۾!

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم جي خراب ڪارڪردگي ۽ ميگا ايونٽ مان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ ڪپتان ويرات ڪوهلي مسئلن ۾ ڦاسي پيو.

ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت تان اڳ ئي هٿ کڻي چڪو آهي، ڪپتان طور ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ سندس آخري ايونٽ هو، جڏهن ته هاڻ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڪوهلي کان ون ڊي ٽيم جي ڪپتاني به کسي ويندي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته بي سي سي آءِ جي سينيئرن ميمبرن جو خيال آهي ته ايندڙ سيريز دوران ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ميچن لاءِ ڌار ڌار ڪپتان نه رکيا ويندا.

رپورٽن موجب بي سي سي آءِ جي سڀاڻي ٿيندڙ ميٽنگ ۾ نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ ڀارتي ٽيم جو اعلان ڪيو ويندو ۽ بورڊ ميمبرن طرفان روهت شرما کي نئون ڪپتان بڻائڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز 17 نومبر کان شروع ٿيندي، جنهن ۾ ويرات ڪوهلي، جسپريت بمرا، ڪي ايل راهول، محمد شامي، ايشون، پنت ۽ رويندرا جديجا کي ڊراپ ڪرڻ جو امڪان آهي.

ڀارتي ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي آخري ميچ اڄ نبيميا خلاف کيڏندي، ڀارت 4 مان 2 ميچون هارائي ميگا ايونٽ کان ٻاهر ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.