نئين ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني، 2 ڀلوڙ مينهون چوري

نئون ڳوٺ ( ن ع آ) ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد ۾  چوري جي وارڌات ۾ٻ2 مينهون چوري ڳوٺ محمد صديق ڳن ۾ چورن ڳوٺاڻي فياض عليڳن جي گهر کي کاٽ هڻي 2 ڀلوڙ مينهون چوري ڪري ويا ڳوٺآڻن پاران پيرا کيان  ويا جيڪي سنڌي ٻٽڙا ڀرسان پهتا جتان معلوم ٿيو ته  چور مينهن کي شهزور گاڏي ۾ وجھي کڻي نامعلوم جاءِ تي کڻي ويا آهن ميڊيا جي پهچڻ تي ڳوٺاڻن ٿرڙي پوليس خلاف سخت احتجاج پڻ ڪيو هنن جو چوڻ هيو ته  جڏهن چور اسان جون مينهون گهر مان ڪڍي نڪتا ته  اسان فورن ٿرڙي محبت پوليس کي فون ڪئي پر اسان جي فون ڪنهن به  نه  کنئي  ۽ اسين مسلسل فون ڪندا رهياسين پر پوليس جي طرف کان اسان کي ڪو به  جواب نه مليو جڏهن ته  پوليس بروقت اسان جي مدد ڪري ها ته  چور  پڪڙجي پون ها پر ٿرري محبت پوليس مڪمل طور چورن سان ٻڌل آهي پوليس چورن کي آساني سان فرار ڪرائي ٿي هنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ت اسان جو چوري ٿيل مينهون واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.