سنڌڙي لڳ ڳوٺ تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، احتجاج

سنڌڙي (رپورٽ :  ڪاشف شر ) سنڌڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ کيتو ڀيو تي پاڻي جي تڪرار تان رند برادري جي ھٿياربندن حملو ڪري ڏنو ڳوٺ ڏانھن ايندڙ روڊ جي موري ڪرين جي ذريعي ٽوڙي ڇڏي جڏھن اھڙو اطلاع ڳوٺاڻن پوليس کي ڏنو تہ پوليس جي موجودگي ۾ رند برادري جي ھٿياربندن حملو ڪري ڏنو جنھن سبب مشتاق ۽ علي نواز ڀيو معاملي زخمي ٿي پيا ان موقعي تي يار محمد ڀيو، عالم ڀيو، علي نواز ڀيو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن سنڌڙي شادي ڀلي روڊ تي ڍينگھر ساڙي احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو تہ اسان جي ڳوٺ ڏانھن ويندڙ سرڪاري روڊ جي موري ڪرين جي ذريعي ٽوڙي سرڪار جو ڪروڙين روپين جو نقصان ڪيو ويو ۽ ڳوٺ ڏانھن اچ وڃ جا رستا بند آھن موري ٽوڙڻ جو اطلاع سنڌڙي پوليس کي ڏنوسين تہ ان مھل رند برادري جا ھٿياربند پوليس جي موجودگي ۾ مشتاق ۽ علي نواز ڀيو کي زخمي ڪري ويا پوليس خاموش تماشي بڻيل رھي ھنن چيو تہ ھٿياربند ڳوٺ ٻاھران ويٺل ھجڻ ڪري خوف وارو ماحول آھي ڪيڏي مھل بہ ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي ٿو سگھي، ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل شريف رند چيو تہ ڀيا اسانجي پاڻي زبردستي کولين ٿا جنھن جي منع تي ھنن اسان جي ڇوڪري تي تشدد ڪيو جنھن بعد اسانجي ماڻھن اھا موري ٽوڙي آھي جيڪا اسانجي ذاتي زمين مان گذرندي ھئي، واضع رھي تہ واقعي جو ھن مھل تائين ڪو بہ ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.