جيڪب آباد ۾ هندو پئنچائت ۽ انجمن تاجران جي سڏ تي ڌرڻو

جيڪب آباد (رپورٽ:  سڪندر علي سرڪي) جيڪب آباد ۾  جنرل پئنچائت ۽ انجمن تاجران جي سڏ تي مختلف سياسي، سماجي، مذهبي توڙي واپاري تنظيمن پارانڪالهه 15 هين ڏينهن به صرافه چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن بعد اڳواڻن پاران ٻن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي انجمن تاجران سنڌ جي نائب صدر احمد علي بروهي، هندو جنرل پئنچائت جي سريچند ڀاوناڻي، پ پ پ شهيد ڀٽو جي نور محمد منجهو، منظور ڀٽو. جي يو آءِ جي مولانا عبدالجبار رند، حمادالله انصاري، حافظ مير محمد بنگلاڻي، ايس يو پي جي فدا لکڻ، ايس ٽي پي جي عمر سولنگي.دلمراد لاشاري، صرافه يونين جي جمالدين لکڻ ايم ڊبليو ايم جي لطيف مهر موبائل يونين جي شمس سومرو.مقبول لاشاري عبدالطيف سومرو ۽ ٻين سميت هندو برادري دڪاندارن واپارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جيڪب آباد ۾ پوليس هندو برادري ۽ واپارين سان زيادتيون ڪري رهي آهي،  ايس ايس پي جي حڪم تي ايس ايڇ او سٽي شهرين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيو آهي هنن چيو ته پوليس جي وڌندڙ زيادتين ۽ بدترين بدامني ۽ واپارين رڪوري ڪري موٽندڙ دڪاندارن کان ڦر تشدد روز جو معمول آهي هڪ طرف ڦورو ڏوهارين تنگ ڪيو آهي ته ٻي طرف پوليس زيادتون وڌي ويون آهن شهري ڪيڏانهن وڃن پوليس تحفظ فراهم ته نه ڪيو پر پاڻ به ڏوهاري ڪاروايون ڪري پئي هنن چيو ته اسان پوليس خلاف احتجاج ڪندڙ ڪيتريون به ڌريون آهيون انهن خلاف پوليس ڪاروائي ڪري سگهي ٿي ڇو ته روشن گورکا نور محمد منجهو اوهان اڳيان مثال آهن هنن چيو ته   اڄ سنڌ اسميبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ همدردي لاءِ اچي ٿو ان کان اڳ پوليس هندو برادري لاءِ رستو تنگ ڪرڻ جي رٿا بندي پئي ڪري هنن آءِ جي سنڌ پوليس کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسان جي احتجاج جو نوٽيس وٺي ايس ايس پي شمائل رياض ملڪ کي هٽائي سندس جاءِ تي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.