ٻيلي شهر لڳ هٿياربندن جي حملي ۾ همراهه مرڻينگ

ٻيلو شھر (رپورٽ خالد طاهراڻي) ٻيلو شھر ويجھو ڳوٺ علو ملاح ۾  زمين جي تڪرار بعد ڪجھ ڏينهن کان ملاح ۽ سميجا برادري جي ٻن ڌرين۾ ھلندڙ  جھيڙو ختم نه ٿيو  ڳوٺ ڀرسان زمين ۾ ڪم ڪندڙ ملاح برادري جي نوجوان علي غلام ملاح تي ٻٽ ٻڌل پنجن ماڻھن جو حملو پسٽل جي گولي لڳڻ ڪري 28 سالا علي غلام ملاح سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي  وارث کڻائي ٻيلو ٿاڻي پھتا علاج جي ليٽر حاصل ڪرڻ بعد زخمي کي سجاول اسپتال مان طبعي امداد بعد ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ملاح در جو چوڻ آهي ته اسان جو نوجوان زمين تي معمول جيئان ڪم ڪري رهيو هو ته سميجا ڌر جي ماڻھن حملو ڪري گولي ھئين ھنن چيو ته زمين به اسان جي آھي اسان وٽ زمين  جا ڪاغذات به آهن پر سميجا اسان جي زمينن ڦٻائڻ لاءِ اسان سان وڙھي رھيا آھن ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي سميجا ڌر جي سالار سميجو ٻڌايو ته  اسان سڀ ڳوٺ کان ٻاهر آھيون اسان جي ڪنھن بہ ماڻھون ملاح ڌر تي حملو ناھي ڪيو  ھوڏانھن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آھي   رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٻيلو انسپيڪٽر ربنواز پٺاڻ ٻڌايو ته ڌرين جي ڇڪتاڻ گھٽائڻ لاءِ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته گرفتارين لا۽    ڇاپا ھڻي رھيا آھيون ھوڏانھن علائقي۾ خوف وارو ماحول آھي   ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن   واضح رهي ته ٻه ھفتا پھرين  سميجا ملاح برادرين جي جھيڙي۾  سميجا ڌر جو نور محمد لوٺيو قتل ٿي ويو ھو جنھن جي قتل ۾ ملاح ڌر جا ٽي. ماڻھون گرفتار ٿيل آھن جڏهن ته ٻنھي ڌرين جون ھڪ ٻئي تي ايف آئي آرز داخل ٿيل آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.