راڌڻ ڀرسان پورهيت کان 88 هزار ۽ ٻيو سامان ڦر، احتجاج

نئون ڳوٺ (ن ع آ) ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد مسافر پير وٽ ٻن نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ڦورن راڌڻ ۽ٿرڙي محبت مان دوائون سپلاءِ ڪري ميهڙ ويندڙ لاڙڪاڻون جي الرياض ميڊيڪل ڪمپني جي ملازمن آصف علي چانڊيو کان اٺاسي هزار روپيا روڪ ۽ موبائيل فون رڪشا ڊائيور صغير کا ن ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ت ڦرجي ويلن اهڙو اطلاع ٿرڙي محبت پوليس کي ڏنو پر پوليس ڪا به  ڪاروائي نه  ڪئي اڌ ڪلاڪ کان مٿي تائين ٿاڻي تي ويهاري ويهاري صرف اين سي داخل ڪري ۽ چيو ته  ايس ايڇ او ڪورٽ ويل آهي اسان ان کي اطلاع ڏنو آهي هو پاڻ اچي ڪاروائي ڪندو جڏهن ت ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهندي ڦرجي آصف علي چانڊيو چيو ت اسان کي ڪافي وقت ٿيو آهي اسين ٿاڻي تي ويٺا آهيون پر پوليس هن مهل تائين جاءِ واردات به  ڏسن ئي  هلي آهي هنن ايس ايس پي دادو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  اسان کان ڦر ٿيل روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي. ياد رهي هڪ مهيني جي اندر ساڳي جڳه تان ويهن کان مٿي ڦرجون ورادتون ٿيون آهن ڦورن روڪ رقم موٽر سائيڪلون ڦريون آهين مگر ايس ايچ او ٿرڙي عارف سومرو جي ڪن جوئين بهي نٿي چري عوام ۾ خوف حراس ڇائينجو ويو آهي .

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.