ڪڪڙ لڳ پاڻي ٽپ ۾ راند ڪندي معصوم ٻارڙو ٻڏي فوت

ڪڪڙ(ن ع آ)ڪڪڙ لڳ پاڻي سان ڀريل ٽپ ۾ راند ڪندي معصوم ٻارڙو ٻڏي فوت ٿي ويو جنھن سبب گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آھي ٿرڙي جادو شھيد ڀرسان ڪاڇي جي ڳوٺ مريد ٻٻر ۾ گھر اندر پاڻي جي ڀريل ٽپ ۾ معصوم ڏيڍ ورھين جو ٻارڙو حسيب ولد عبدالصمد ٻٻر راند ڪرڻ دوران ٻڏي بيھوش ٿي ويو جنھن سبب وارثن پاران ٻارڙي کي بيھوشي واري حالت ۾ ڪڪڙ جي مقامي اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر پاران فوت ھئڻ جي تصديق ڪئي وئي ٻارڙي جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو آھي امڙ پٽ جي لاش مٿان ھنجون ھاريندي رھي ۽ گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو ٻڌايو وڃي ٿو ت فوتي ٻارڙي کي ڇڏي گھر ٻاھران ڇيڻا وجھڻ ويل ھئي ڪجھ دير بعد واپس آئي ت ٻارڙو پاڻي جي ٽپ ۾ ترندي ڏٺو جتي کين فوت جو واقعو پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.