ٽنڊي آدم ۾ پريشانين کان تنگ همراهه خودڪشي ڪري ڇڏي

ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) ٽنڊو آدم ۾ 9 ٻاررن جو پيءُ گهرواري سان جهيڙي کانپوءِ پاڻ کي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو رپورٽ موجب ٽنڊي آدم جي وارڊ نمبر 9 جي ڳوٺ الهيار مري ۾ 52 سالن جي پيرسن 9 ٻارڙن جي پيءُ ناصر علي ڇشتي زال سان جهيڙي کانپوءِ پنهنجي گهر اندر پنکي ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو اطلاع ملڻ تي بي سيڪشن پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم لاءَ تعلقي اسپتال آڻي قانوني ڪاروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو پوليس موجب فوتي کي 8 نياڻين ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي غربت سبب گهر ۾ جهيڙا رهندا هئا سندس سڄي فيملي ڪراچي ۾ مزدوري لاءِ رهيل آهي پاڻ به ساڻن ملڻ لاءِ ڪراچي ويل هو ۽ گهر واري سان جهيڙي کانپوءِ واپس موٽي آيو ۽ دلبرڊاشته ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو واقعي جي ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.