ڄامشورو ويجهو وين ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، نوجوان فوت

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس ڪالوني جي مک گيٽ اڳيان لاڙڪاڻو ويندڙ ڊوم گاڏي ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 30 ورهين جو ٽوهه کوسو ولد بنگل کوسو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو جنهن بعد لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء پوليس لاش سول اسپتال حيدرآباد کڻائي وئي. جڏهن ته نوجوان جو مڙھ ڄامشورو لمس اسپتال پهچڻ بعد فوتي جا وارث ۽ وڏي انگ ۾ کوسا برادي جا ماڻهون پهچي ويا, ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي اي ايس آئي لعل بخش شاهاڻي جو چوڻ هيو ته فوتي ٽوھ ولد بنگل کوسو موٽر سائيڪل ذريعي پنهنجي ڳوٺ اڪرو وليج وڃي رهيو هيو ته ڄامشورو ٿرمل پاور جي ڪالوني واري مک گيٽ ڀرسان ڊوم گاڏي هن کي پويان ٽڪر هيو جهن سبب هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. هن چيو ته حادثي ملوث ڊوم گاڏي ۽ ان جو ڊرائيور پڻ پوليس تحويل ۾ ورتا آهن ۽ وارثن جي مرضي موجب  ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.