گهوٽڪي جو پورهيت سعودي ۾ عمارت تان ڪري فوت

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ڀرسان قادرپور جو پورهيت نوجوان هڪ سال اڳ روزگار لاءِ سعودي عرب ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته  نوجوان عبدالرحمانولد جمال دين واسو ڪم ڪري رهيو هو ته 6 منزل عمارت تان پير سلپ ٿيڻ سبب ڪري پيو، عمارت تان ڪرڻ سبب نوجوان موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته  نوجوان جو مڙهه  سعودي انتظاميا وٽ آهي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو.اهڙي اطلاع کان پوءِ گهر ۾ تڏو وڇايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.