ٿيلسيميا جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي: فريال ٽالپر

نوابشاھ( ڊ ر ) ٿيلسيميا جھڙي موزي مرض جي روڪ ٿام لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ قانون پاس ٿي چڪو آھي جنھن تي عمل ڪرايو ويندو ٿيلسيميا جي خاتمي لاء سڀني کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون پيپلزپارٽي انسانيت جي خدمت تي يقين رکي ٿي صحت جي حوالي سان ڪا بہ ڪوتاھي برداشت نہ ڪئي ويندي اھڙن خيالن جو اظھار پپيلزپارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي اڳواڻ ايم پي اي فريال ٽالپر نوابشاھ ۾ ٿيلسيميا پيشنٽ ويلفئير سوسائٽي پاران مقامي ھال ۾ ٿيلسميا سينٽر جي قيام کي 15 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي منعقد تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو ھن چيو تہ نوابشاھ سان منھنجون پُراڻيون يادون جُڙيل آھن اڄ کان 15 سال اڳ آئون سڪرنڊ ۾ ھُيس تہ جمالي برادري جي ڪجھ عورتن مونکي پنھنجي ٻارن کي ٿيلسيميا بيماري بابت ٻڌايو مون پنھنجي والد حاڪم علي زرداري سان ذڪر ڪيو ٻارن جي حالت ڏسي مان روئڻ ھارڪي ٿي وئي ھُيس جنھن تي بابا حاڪم علي زرداري مونکي ھمت ڏني ۽ چيو تہ ڌيءِ گھبرا نہ ٿيلسيميا جي ٻارن جي مدد ڪنداسين ان وقت اسان اپوزيشن ۾ ھئاسين ضلعي ناظمي جي دور ۾ اسان جا فنڊز بہ بند ھئا تنھن باوجود اسان ٿيلسيميا جي ٻارن جي مدد لاءِ ڊونز ڪانفرنس گھرائي ۽ آئون ماڻھن آڏو جھولي ڦھلائي ٻارن جي مدد لاءِ اپيل ڪئي تقريب کي ٿيلسيميا سوسائٽي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد صادق سيال ،ثاقب انصاري، اقبال احمد، ڊاڪٽر ڪرن، ٻين خطاب ڪيو، تقريب ۾ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظير آباد عامر حسين پنھور، ايس ايس پي امير سعود مگسي، اڳوڻو ايم پي اي سيد فصيح احمد شاھ، چيمپر آف ڪامرس جو صدر صدر الدين ميمڻ، نور احمد لاکو، فتاح جمالي، راشد چانڊيو، اسسٽنٽ ايڊوڪيٽ شبير احمد زرداري، ايڊوڪيٽ علي رضا چنا، عطا محمد سيال، منصور لغاري، قاضي جاويد ثنائي، کان علاوھ معزز شھرين، صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.