ڀارت ۽ افغانستان جا به ٽپڙ گول، نيوزيلينڊ سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

ابو ظهبي (م ڊ) نيوزيلينڊ جي ٽيم گروپ 2 جي اهم ميچ ۾ افغانستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته ڀارت ۽ افغانستان جون ٽيمون ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويون آهن. ابوظهبي ۾ افغانستان طرفان مليل 125 رنسن جو هدف نيوزيلينڊ 18.1 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڪيويز طرفان ڪين وليمسن 40 ۽ ڊيوڊ ڪونوي 36 رنسن جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيا، مارٽن گپٽل 28 ۽ ڊيرل مچل 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ان کان اڳ ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي افغانستان جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهي سگهي. افغانستان طرفان نجيب الله زادران 73 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي پر ٻيو ڪو به رانديگر گهڻي دير وڪيٽ تي نه بيهي سگهيو، گلبدين نائب 15 ۽ محمد نبي 14 رنسن سان اڳڀرا رهيا. نيوزيلينڊ طرفان ٽرينٽ بولٽ 3، ٽم سائوٿي 2، جڏهن ته ايڊم ملني، جيمز نيشم ۽ اش سوڌي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. واضح رهي ته ڪيوي ٽيم کيڏيل 5 گروپ ميچن مان 4 ۾ ڪاميابي ماڻي 8 پوائنٽن سان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي، ان گروپ مان پاڪستان اڳ ئي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي چڪو آهي ۽ ڀارت ۽ افغانستان جون ٽيمون ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويون آهن. ڀارت ميگا ايونٽ ۾ هيل تائين کيڏيل 4 ميچن مان رڳو 2 ۾ ڪاميابي ماڻي آهي ۽ ان جي آخري گروپ ميچ سڀاڻي نميبيا سان ٿيندي.

  • پاڪستان پاران عراقي وزيراعظم تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت

 

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان عراقي وزيراعظم جي رهائشگاهه تي دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي. ڪالهه آچر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان بغداد ۾ عراق جي وزيراعظم جي رهائشگاهه تي بزدلاڻي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته وزيراعظم مصطفيٰ الڪاظمي محفوظ رهيو. هن چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ عراق ۽ ان جي عوام سان يڪجهتي ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. زخمين سان همدردي جو اظهار ڪندي اسان انهن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته ان پرتشدد شرانگيزي جو ڪو جواز نه ٿو ٿي سگهي. اسان هر قسم جي دهشتگردي جي سخت مذمت کي ورجايون ٿا.

  • شعيب ملڪ جي تيز ترين ففٽي، ثانيا داد ڏيندي رهي

دبئي(م ڊ) شعيب ملڪ پاڪستان جو ٽي ٽوئنٽي ۾ تيز ترين ففٽي بڻائڻ وارو رانديگر بڻجي ويو، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ پاڪستان ۽ اسڪاٽ لينڊ وچ ۾ ميچ ۾ پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪئي، شعيب ملڪ 18 بالن تي 54 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي، جنهن ۾ 6 ڇڪا ۽ هڪ چوڪو شامل آهي، شعيب جي دونهيندار اننگ دوران هن جي گهرواري۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا به ميدان ۾ موجود هئي جيڪا مڙس جي بيٽنگ تي خوش ٿيندي رهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.