ڪوٽڙي مان ايس ٽي پي اڳواڻ مبينا طور تي گم، ڌرڻو

ڪوٽڙي ( رپورٽ : جبار ڪابورو (ڪوٽري ايس ٽي پي اڳواڻ امجد مستوئي جي مبينا گمشدگي ۽ ڪيس داخل ٿيڻ خلاف عورتن ۽ ٻارن جو احتجاجي مظاهرو، امجد مستوئي مٿان ڀتي گهرڻ جو ڪيس داخل ڪرائيندڙ  اڳوڻي ڪائونسلر ۽ ٺيڪيدار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ايس ٽي پي جي عورتن ۽ ٻايڙن  سيشن ڪورٽ کان ڄامشورو پريس ڪلب تائين احيجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي امجد مستوئي جي وارث عورتن ۽ ٻين عورتن جو چوڻ هيو ته امجد مستوئي هڪ سلجهيل سياسي ڪارڪن آهي، مٿس ڀتا خوري جو الزام هڻي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٽن ڏينهن کان امجد جا نمبر بند آهن کيس کنڀي گم ڪيو ويو آهي، امجد مستوئي کي اڄ تائين ظاهر نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌائينداسين. کيس ڪجھ به ٿيو ته اڳوڻو ڪائونسلر ۽ ٺيڪيدار ذميوار هوندو. اڳوڻو ڪائونسلر ربنواز رند پنهنجي گهر جي آڏو پائيپ لائين وڇائي رهيو هيو، وڊيو ڀرڻ تان هن مڇرجي امجد مستوئي تي حملو ڪيو ۽ ڪوڙو ڪيس به داخل ڪرايو آهي. امجد مستوئي تان ڪوڙو ڪيس ختم ڪري ٺيڪيدار ۽ اڳوڻي ڪائونسلر مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.