ڏوڪري ۾ زمين مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري ڀرسان زمين جي مالڪي تان سرگاڻي ۽ لاشاري برادري جي ٻين ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو ڏوڪري تعلقي جي سهيڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ناڙي لاشاري ۾ سرگاڻي ۽ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ تنوير لاشاري زخمي ٿي پيو، زخمي کي ڏوڪري اسپتال آندو ويو جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو. هوڏانهن سيهڙ پوليس جو چوڻ هو سرگاڻي ۽ لاشاري برادري ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪئي جنهن دوران هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.