ملير لڳ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ فائرنگ، ڏوهاري زخمي

ملير (ڊ.ر) شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس ۽ ڏوهارين وچ فائرنگ، جوابي فائرنگ ۾ هڪ زخمي سميت ٻه ڏوهاري گرفتار ڪري ورتا، جيڪي شهرين کان ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي رهيا هئا، زخمي ٿيل جوابدارکي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، خبر موجب شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس ۽ ڏوهارين وچ فائرنگ جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو ۽ ٻه جوابدار وارث ۽ افضال سميت هٿيار، ڦر ٿيل موبائل فون، پنج هزار روپيه ڪيش ۽ چوري ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايس پي ملير عرفان بهادر موجب جوابدار شهرين کان ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي رهيا هئا ته شاهه لطيف پوليس ترت ڪاروائي ڪري ڏوهارين کي پڪڙي ورتو، هٿ آيل هٿيار کي فرانزد لاءِ موڪليا ويندا، جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ تفتيشي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.