آيوڊين جي گھٽتائي سبب ٿيندڙ بيماريون ۽ سنڌ

تحرير؛مھاديو مڪواڻو

متوازن غذا جا جزن جي ورڇ ڪنداسين ته ان ۾ اسان کي چار اھم گروپ ملندا، جن مان ٽي اھڙا گروپ آھن جن جا جزا اسان کي وڌيڪ مقدار ۾ گھربل ھوندا آھن، جڏھن ته ھڪ اھڙو گروپ آھي جنھن جا جزا تمام گھٽ مقدار ۾ گھربل ھوندا آھن پر انھن جي اھميت تمام گھڻي ھوندي آھي. سادي زبان ۾ جي اسان اھو چئي سگھو ٿا ته متوازن غذا جا چار وڏا گروپ ھوندا آھن، ھڪ گروپ ۾ پروٽين يا لمحيات وري خوراڪ جھڙوڪ مڇي، گوشت، بيضا، داليون، کير، کير مان ٺھندڙ تمام ٻيون شيون شامل ھونديون آھن، جن جو ڪم ھوندو آھي، ذھني ۽ جسماني واڌ ويجھ، ساڳي طرح سان پٽاٽا، چانور ۽ اناج وغيره واري خوراڪ کي اسين ڪربوھائڊريٽ يا نشاشتي واري خوراڪ سڏيون ٿا، ۽ ٽيون گروپ ھوندو آھي فيٽ يا سڻڀ واري خوراڪ جو، جنھن ۾ مکڻ، گيهه، پنير، خشڪ ميوو وغيره شامل آھن، سڻڀ واري خوراڪ ۽ نشاستي واري خوراڪ روز مرھ جي زندگي ۾ انسان جون تمام سرگرميون يعنيٰ ڪم ڪرڻ جي توانائي ۾ مدد ڪندي آھي اھي تمام خوراڪ جا جزا انسان جي نشونما ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن.

خوراڪ جو چوٿون ھڪ اھم گروپ آھي جنھن ۾ منرل ۽ وٽامن شامل ھوندا آھن، منرل ۽ وٽامن جسم کي تمام گھٽ مقدار ۾ گھربل ھوندا آھن پر انھن جو ڪم تمام اھم ھوندو آھي. وٽامن ۽ منرل جسم ۾ توانائي جي پيداوار، مدافعتي ڪم، رت جي ٺهڻ، بيمارين کان بچاءُ ۽ ٻين روزمرھ جي تمام سرگرمين جي لاءِ ضروري آهن. منرل ۽ وٽامن جي گھٽتائي انساني جان کي خطرناڪ حد تائين نقصان پھچائي سگھي ٿي ۽ شديد کوٽ جي باعث موت به واقع ٿي سگھي ٿي. انساني جسم ۾ ٻين تمام جزن وانگر آيوڊين به تمام اھم آھي، جنھن جي غذا ۾ موجودگي اھم آھي، جڏھن ته آيوڊين جي غذا ۾ غيرموجودگي جي ڪري انساني صحت جو تمام گھڻو نقصان ٿيندو آھي. ھن قسم جي جسم ۾ گھٽتائي جي عام بک لڳڻ وانگر محسوس نه ٿي سگھندي آھي، جنھن جي ڪري اھا کوٽ وقت سر معلوم نه ڪري سگھبي آھي. انھي گروپ مان تمام ٻين عنصرن وانگر آيوڊين ھڪ اھم جزو آھي.

انساني جسم کي حالتن ۽ عمر جي حساب سان الڳ الڳ مقدار ۾ آيوڊين  گھربل ھوندو آھي، 6 مھيني جي عمر تائين جي ٻار کي 110 مائڪروگرام، 7 کان 12 مھينن جي ٻار کي 130 مائڪروگرام، 1 کان 8 سالن جي ٻارن کي 90 مائڪروگرام، 14 سالن کان 18 سالن جي عمر ۾ 150 مائڪروگرام، بالغان ۾ 150 مائڪروگرام، حمل سان عورتن کي لڳ ڀڳ 220 مائڪروگرام ۽ کير پياريندڙ مائرن ۾ 290 مائڪروگرام آيوڊين گھربل ھوندو آھي. اھو معمولي آيوڊين جو مقدار جسم کي ميسر نه ھوندو آھي ته ان جا انسان جي صحت تي تمام خطرناڪ اثر ٿي سگھن ٿا. جي عورتن ۾ آيڊين جي گھٽتائي ٿيندي آھي ته انھن جي ٻارن جي نشونما مڪمل ٿي نه سگھندي آھي. حمل سان عورتن جو حمل ضايع ٿيڻ، ٻارن جو پيدائشي طور تي، انڌو، ٻوڙو يا گونگو پيدا ٿيڻ ۽ ڪن حالتن ۾ مئل ٻار پيدا ٿيڻ به آيوڊين جي گھٽتائي يا خوراڪ ۾ آيوڊين جي مقدار ميسر نه ھئڻ جي ڪري ٿي سگھي ٿو، ساڳي ريت مردن ۾ جسماني ڪمزوري، گھٽ توانائي ۽ ٻارن پيدا ڪري سگھڻ جي صلاحيت جو اثر انداز ٿيڻ به آيوڊين جي خوراڪ ۾ گھربال مقدار ۾ ميسر نه ھئڻ جي ڪري ٿي سگھي ٿو. ٻارن جي خوراڪ ۾ جي آيوڊين شامل نه ھئڻ جي ڪري ٻار ذھني پسماندگي، جسماني ڪمزوري، گھٽ ڪارڪردگي، گھٽ دلچسپي، گلي ۾ غدود جي بيماري جو شڪار ٿين ٿا.

ھڪ رپورٽ مطابق اڄ جي تاريخ ۾ ڀارت جھڙي تمام وڏي آبادي جي ملڪ ۾ به مڪمل بندش آھي ته بنا آيوڊين جي نه لوڻ مارڪيٽ ۾ آڻي سگھجي ٿو، نه ان جي خريد و فروخت ٿئي ٿي ۽ نه ئي بنا آيوڊين مليل لوڻ گھرن ۾ واپرائي سگھجي ٿو. ساڳي ريت آمريڪا ۾ ھن وقت 90 سيڪڙو گھرن ۾ آيوڊين مليل لوڻ جي رسائي ممڪن آھي. پاڪستان ۾ 2018 تائين جي ھڪ رپورٽ جي مطابق صرف آيوڊين جي استعمال جي شرح کي وڌائي سالانه 10 کان 13 ملين ٻارن کي ھر سال آيوڊين جي گھٽتائي جي سبب ٿيندڙ بيمارين کان محفوظ بڻايو ويو آھي، اسڪول ويندڙ عمر جي ٻارن ۾ 2018 ۾ 63.0 سيڪڙو آيوڊين جي کوٽ کي گھٽائي 38.70 سيڪڙو تائين پھچايو ويو آھي، ساڳي طرح آيوڊين جي گھٽتائي جي شرح مائرن ۾ 2001 ۾ 76.3 سيڪڙو ھئي جيڪا 2006 ۾ گھٽي 48 سيڪڙو ۽ 2018 ۾ 17.5 سيڪڙو تائين پھچائي وئي آھي. سموري دنيا ۾ اڄ به 14 سيڪڙو آبادي اڃان آيوڊين مليل لوڻ جي رسائي کان پري آھي، جنھن جي لاءِ عالمي سطح تي ڪم جاري آھي. انھي ڏس ۾ عوام ۾ جاڳرتا جي لاءِ ۽ ادارن کي آيوڊين مليل لوڻ جي اھميت سمجھائڻ جي لاءِ ۽ آيوڊين جي گھٽتائي جي سبب ٿيندڙ بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ عالمي سطح تي آڪٽوبر جي مھيني ۾ ھر سال سرگرميون ڪيون وينديون آھن.

آيوڊين مليل لوڻ جي باري ۾ آسان پيعام عوام ۾ پھچائڻ جي ضرورت آھي، جيئن ته؛ جسم ۾ گھربل آيوڊين جي مقدار حاصل ڪرڻ جو سڀني کان آسان ۽ سستو طريقو آيوڊين مليل لوڻ کائڻ آھي، آيوڊين مليل لوڻ عام لوڻ ئي آھي جنھن ۾روز مرھ جي غذائي ضرورت جي مطابق آيوڊين شامل ڪيو ويندو آھي، آيوڊين مليل لوڻ جو رنگ ذائقو توڙي خوشبوءِ عام لوڻ جھڙي ئي ھوندي آھي، آيوڊين مليل لوڻ ڪا دوا نه پر روز مرھ جي خوراڪ جو حصو آھي جيڪو انساني جسم جي آيوڊين جي ضرورت پوري ڪندو آھي، آيوڊين مليل لوڻ ڪنھن به بيماري جو علاج نه آھي پر ڪيئي بيمارين کان بچڻ جو ھڪ موثر طريقو آھي، آيوڊين جي باقاعده استعمال ڪرڻ سان ٻارن جي نشونما سٺي ٿيندي آھي، ٻار ذھين ٿيندا آھن ۽ تعليمي سرگرمين ۾ بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندا آھن، ۽ حمل سان عورتون جي آيوڊين مليل لوڻ اسعمال ڪن ته انھن جا ٻار وڌيڪ صحت مند، چست ۽ پيدائشي طور تي نقص جھڙوڪ جو گونگو پيدا ٿيڻ، ٻوڙو پيدا ٿيڻ، ذھني طور تي ڪمزور پيدا ٿيڻ، کان ڪافي حد تائين بچي سگھن ٿا.

بدقسمتي سان اڄ به سنڌ ۾ ڪيئي اھڙا علائقا آھن جتي آيوڊين مليل لوڻ دستياب ئي ڪونھي، اتي جي آبادي عام لوڻ استمال ڪري پنھنجي ۽ پنھنجي ٻارن جي صحت جو تمام وڏو نقصان ڪري رھي آھي. لاڳاپيل شعبي جي ماڻھن جا انھن علائقن ۾ دڪانن تي ۽ ڪارخانن تي اچي لوڻ جو معيار جانچڻ واري سرگرمي جا ڪيئي سالن تائين ڪو نشان نٿا ملن. سنڌ ۾ 73.2 سيڪڙو آبادي گھرن ۾ آيوڊين مليل لوڻ استعمال ڪري ٿي، جنھن مان 80. سيڪڙو آيوڊين مليل لوڻ استعمال ڪندڙ آبادي شھرن ۾ آباد آھي ۽ ٻھراڙي جي 65.6 سيڪڙو آبادي کي آيوڊين مليل لوڻ دستياب آھي. خاص طور تي سنڌ جا اھي ضلعا جتي لوڻ جون تمام گھڻيون کاڻيون موجود آھن، ان علائقن ۾ آيوڊين کي لوڻ ۾ ملائڻ جي لاءِ سرڪاري سطح جا بندوبست ڪو خاص بھتر نه آھن. اسان کي صحتمند نسل جي لاءِ پنھنجن ٻارن جي صحت جي لاءِ تمام گھڻو سنجيده ٿي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي جيئن تمام گھٽ خرچ سان تمام گھڻي نقصان کان بچي سگھجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.