پاڪستان جو تعليمي نظام انگريزن جو ڏنل تحفو آھي

تحرير؛طفيل مگسي

اها بھ حقيقت آھي ته پاڪستان جو تعليمي نظام جيڪو شروع کان وٺي برطانوي راڄ جو جوڙيل آھي.جنهن جو مقصد ان وقت جي نزاڪت سان اسيٽ انڊيا ڪمپني جي لاءِ ڪلارڪ ۽ غلام پيدا ڪرڻ ھو.جيڪو فقط اهڙو بيڪار ۽ سوچڻ سمجهڻ واري صلاحيت کان خالي مشين جا پرزا ٿيار ڪري ٿو.جيڪي سرمائيدارن جي سرمايي ۾ مسلسل واڌ ۽ رياستي مشينري کي هلائڻ جي لاءِ ڪم سرانجام ڏيئي ٿو.

سرمائيداراڻي معاشي نظام جي ڪري ڇا ٿيو آھي ته اسان جو سمورو معاشرو طبقن ۾ ورهايل آھي.ان ڪري تعليمي نظام به طبقاتي آھي ۽ هڪ حقيقي ۽ آزاد انساني شعور پيدا ڪرڻ کان لاچار آھي.اهو نظام سوال کڻڻ وارن کي ڏوھاري ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ تنقيدي سوچ جي انڪاريت ڪري ٿو.ڇاڪاڻ ته ان نظام جا آقا قطعي اهو نه چاهيندا ته انهن جا غلام انهن تي ۽ معاشري ۾ موجود طبقن تي سوال کڻندي ان نظام کي چئلينج ڪن ۽ تبديلي جو سوچن.ان تعليم جو مقصد اهڙا فرد تيار ڪرڻا آھن.جيڪي حقيقت جي پروڙڪن

۽ ناقابل تبديلي سمجهندي قبول ڪري ڇڏين.تعليم اسان جي سماج ۾ اهڙي صنعت جي طور تي اڀري آھي.جنهن جو مقصد صرف نفعي جي شرح وڌائڻي آھي.انساني ترقي ۽ آزادي انهن جي لاءِ ڪا معني نٿي رکي.سرمائيدارن جي ٻارڙن جي لاءِ عاليشان عمارتن ۾ تعليم جو بندوبست آھي ته ٻئي پاسي پيڙھيل ۽ بنيادي ضرورتن کان محروم طبقو انفراسٽرڪچر کان محروم سرڪاري اسڪولن ۾ پنهنجن ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ تي مجبور آھن.هتي سرڪاري نيم سرڪاري ۽ شاندار نجي درسگاهن کان وٺي ڪري گهٽين.پاڙن ۾ کنڀين جيان ڦٽڻ وارا اسڪول ۽  درسگاهن تائين.سڀ موجود آھن۽ پنهنجي پنهنجي اوقات جي مطابق اونداهيون ۽ جهالت ورهائي رهيون آھن.انهن سڀني جا پنهنجا پنهنجا نصاب ۽ پڙھائڻ جا مختلف طريقيڪار آھن.امتحاني طريقيڪار غير صحتمند مقابلي کي   ڏيئي ٿو.(نتيجن جي ڊپ کان ڪافي نوجوان ته خودڪشي ڪري ڇڏين ٿا) سرمائيداراڻي نظام تعليم کي به نفعو ڪمائڻ جو وسيلو بڻائي ڇڏيو آھي ۽ نجي يونيورسٽي ۾ ڳريون فيسون ڀري اهڙيون ڊگريون ورهايون وڃن ٿيون.جيڪي پيداوار ۾ واڌاري جو سبب ته نٿيون بڻجن جيتوڻيڪ محنت ڪشن جي استحصال جا نوان طريقا سيکاري ڪري سرمائيدارن جي سرمايي ۾ واڌاري جو سبب ضرور بڻجن ٿيون.ليڪن اهي ڊگريون به نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ کان لاچار آھن. نتيجي ۾ ان تعليمي نظام ۾َترقي جو مطلب بيروزگارن جي انگ ۾ واڌارو آھي.موجوده معاشي نظام محنت ڪش طبقي جي لاءِ پنهنجن ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ ته ناممڪن بلڪ خوراڪ ميسر ڪرڻ به مشڪل بڻائي ڇڏيو آھي.اهڙين حالتن ۾ اهي پنهنجن ٻارڙن کي اهڙن خيراتي درسگاهن ۾ تعليم ڏيارڻ تي مجبور آھن.جيڪي انهن ٻارڙن کي رهائش ۽ خوراڪ ميسر ڪن ٿا.وري اهي ادارا انهن ٻارڙن کي پنهنجن خاص مقصدن جي لاءِ استعمال ڪن ٿا.محنت ڪشن جي

ٻارڙن جو هڪ تمام وڏو انگ ته هن سماج جو حصو ئي نٿا بڻجي سگهن.انهن جي هوش سنڀالڻ کان اڳ انهن کي ورڪشاپن.دڪانن ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. يا پوءِ گل وڪڻڻ، جوتا پالش ڪرڻ ۽ اشارن تي گاڏين جون ادڪريٽين صاف ڪرڻ تي هنيو وڃي ٿو. يعني اهي سڀ معصوم چهرا رزق جي ڳولا ۾ رولندا رهن ٿا.جن کي ڀنڀوريون پڪڙڻيون هيون.جن کي باغن ۾ ھئڻ کپندو هو.مطلب ته پاڪستان ۾ تعليم جي حاصلات هڪ ڏينهن ڏٺي جو خواب بڻايو ويو آھي.اڪثر ڪري يونيورسٽيون ۽ ڪاليجز وڏن شھرن ۾ آھن.جن جي ڪري شاگردن کي تعليم پرائڻ ۾ شديد ڏکيائي ٿئي ٿي، موجوده تعليمي نظام جيڪو انگريزن جو مڙھيل آھي.اهو نوجوانن جي هڪ اهڙي کيپ جي تياري ۾ مصروف آھي.جيڪو سماج کان ويڳاڻو ۽ غلاماڻي ذھنيت رکي ٿو.۽ جبري نظام کان خبرواري ۽حقيقي آزادي يا بنيادي حقن جو شعور نٿو رکي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.