کنڀي گم ڪيل ماجد ڪيريو آزاد نه ٿيو، نوابشاهه ۾ ريلي

نوابشاه(بيورو رپورٽ) 22 ڏينهن اڳ تعلقي ٿاڻي جي حد لانڍي اسٽاپ ڀرسان نامعلوم ماڻهن پاران کنڀي گم ڪيل نوجوان ماجد ڪيريو بازياب نه ٿيو، سندس جي بازيابي لاءِ سندس ڀائرن عبدالرزاق ڪيريو، عبدالخالق ڪيريو،عبدالقيوم ڪيريو، ساجد ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي پراڻي ناڪي سڪرنڊ روڊ کان ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت ڪندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي جتي انھن احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان جو ڀاءُ ماجد ڪيريو پنھنجي دڪان تي ويٺو ھو ته ٻن ڪارن ۾ سوار 8 ڄڻا ماجد ڪيريو کي زبردستي کڻي ويا، جن ۾ ٻن کي پوليس جي وردي پاتل ھئي، ھنن چيو ته اسان ان عمل خلاف تعلقي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي ليڪن 22 ڏينهن گذري ويا آهن اسان پنھنجي ڀاءُ جي بازيابي لاءِ مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھيون ليڪن اڃان تائين پوليس اسان جي ڀاءُ کي ڳولڻ ۾ ناڪام رھي آھي، ھنن چيو ته اسان جي ڪنھن سان دشمني ناھي اسان جي مدد ڪري اسان جي نوجوان کي بازياب ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.