سنڌ يونيورسٽي ۾8377 اميدوارن داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ڏني

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)اسلام ڪوٽ ڀرسان پورهيت جي پُٽ ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ 192 مارڪون کڻي سنڌ ۾ پهرين ۽ مُلڪ ۾ چوٿين پوزيشن ماڻي ورتي،ڳوٺ کاريو غلام شاھ واسي شاگرد ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ سنڌ ۾ پهرين پوزيشن ماڻي ورتي،گولڊ ميڊل به ٻهاري ورتو، اُنهي سلسلي ۾ ڳوٺ کاريو غلام شاھ واسي شاگرد پرڪاش ولد چاندو مل ميگهواڙ پاڪستان ميڊيڪل جي ٽيسٽ دوران 210 مان 192 مارڪون کڻي سڄي سنڌ مان پهرين ۽ پاڪستان مان چوٿين پوزيشن ماڻي سوني جو گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪيو،پرڪاش ولد چاندو مل پاڪستان ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ 192 مارڪن سان سنڌ ۾ "پھرين” ۽ پاڪستان ۾ "چوٿين”پوزيشن ماڻي اسلام آباد مان گولڊ ميڊل سونو تمغو حاصل ڪري ورتو آهي،شاگرد پرڪاش جو پيءُ چاندو مل اڻ پڙهيل ۽  هڪ غريب پورهيت آهي،جنهن ڏينهن ۽ رات محنت پورهيو ڪندي پنهنجي پُٽ کي پڙهايو،سندن پُٽ پنهنجي پيءُ جي محنت کي رائيگان وڃڻ نه ڏنو ۽ محنت ڪري پڙهائي بعد ڪاميابي حاصل ڪئي آهي،اهڙي ڪاميابي بعد سندن گهر ۾ هرطرف خوشين جو سماءُ آهي،برادري جا ماڻهو کين مبارڪون ڏيڻ پهچي رهيا آهن،پورهيت چاندو مل هن وقت گلاب لغازي ۾ رهي ٿو،جتي هُو سخت مزدوري ڪندي پُٽ کي پڙهائي ٿو.

  • سنڌ يونيورسٽي ۾8377 اميدوارن داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ڏني

امشورو (  ڊ ر )  سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ نئين تعليمي سال 2022 ع ۾  داخلا لاءِ اميدوارن کان پري انٽري ٽيسٽ ٽيسٽ ورتي وئي،  سنڌ يونيورسٽي ۾ بيچلر ڊگري پروگرام جي 57 شعبن ۾ داخلائن لاءِ ٻئي مرحلي ۾ ٿيل انٽري ٽيسٽ ۾  مجموعي طور 8377 اميدوار حصو ورتو، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي حيدرآباد، بدين، دادو، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، ٺٽو ۽ نوشھروفيروز ڪئمپسز ۾ بيچلر ڊگري پروگرام ۾ داخلائن لاءِ ٻئي مرحلي ۾ رٿيل انٽري ٽيسٽ ۾ 6540  مرد ۽ 1647 عورت اميدوارن شرڪت ڪئي پھرين مرحلي ۾ ٽيسٽ نه ڏئي سگھندڙ 190 اميدوارن کي به ٽيسٽ ۾ ويھڻ جو موقعو فراھم ڪيو ويو. جن لاءِ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين ۾ الڳ الڳ بلاڪ قائم ڪيو ويو هو، پھرين مرحلي ۾ غيرحاضر رھندڙ 190 اميدوارن جا رول نمبر ساڳيا ئي رهيا، جيڪي کين اڳ ئي الاٽ ڪيل هئا. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو، رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو، ڊائريڪٽر ايڊميشن ڊاڪٽر اياز ڪيريو، محمد معشوق صديقي، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه ملاح، پروفيسر ڊاڪٽر نعيم ناريجو ،پروفيسر ڊاڪٽر سعيد منگي سوڌو ٻين آفيسرن امتحاني بلاڪن ۾  دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو.

  • حيدرآباد ۾ پبلڪ اسڪول ملازمن جو مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي استادن ۽ ملازمن پاران آءِ بي اي سکر جي پاليسين خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سيد اياز شاهه، ريحان شيخ، اشوڪ ڪمار، ڊاڪٽر محمد سعيد، نويد ڀٽي ۽ ٻين چيو ته آءِ بي اي سکر ڀرتيون ڪري اسڪول تي پنهنجو قبضو مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته انتظاميه کي تعليم جي معيار جي پرواهه نه آهي صرف قبضو ڪري ڪرپشن ڪرڻ چاهي ٿي. هنن چيو ته پنهنجي حقن لاءِ مسلسل سراپا احتجاج آهيون پر کين اڃا مڪمل پگهارن کان نظر انداز ڪيو ويو آهي، گذريل 7 مهينن کان پگهار بند آهي، پينشنررز ملازمن کي پينشن به نه ٿي ڏني وڃي.  پروموشن پڻ نه ٿو ڪيو وڃي, جڏهن ته آءِ بي اي سکر پاران انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن ۽ سندن پگهارون پڻ روڪي ڇڏيون آهن, جنهن عمل جي  سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو پڻ اعلان ڪيون ٿا.  هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندن جا جائز حق تسليم ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.