لاڙڪاڻي ۾ رولو ڪتا تازي ڄاول ٻار کي گهليندا رهيا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد چانڊڪا پل رائيس ڪئنال جي ڪڙ وٽ رولو ڪتي جي وات ۾ تازو ڄاول ٻار جو لاش ڏسي علائقي واسي اچرج ۾ پئجي ويا جن رولو ڪتي کي هڪلون ڪري ٻار جو لاش سندس وات مان کسي حد جي ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي تازو ڄاول ٻار جو لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي بعد ايڌهي رضارڪارن حوالي ڪري ڇڏيو جن طرفان ٻار جي لاش کي لاوارث قرار ڏيڻ بعد غسل ۽ ڪفن ڏئي شهر ڀرسان دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.