قمبر واسي همراهه کي پوليس گم ڪري ڇڏيو، لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) قمبر تعلقي جي ڳوٺ ماڻڪ کهاوڙ جي رهواسي پوليس هيڊ ڪانسٽيبل ۽ ٽرانسپورٽر زاهد حسين کهاوڙ پنهنجي وارثن ۽ ٽرانسپورٽرن نظير حسين کهاوڙ، امتياز علي کهاوڙ، رئيس علي گل عمراڻي، مرتضيٰ خروس ۽ ٻين سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آءُ قمبر پوليس ۾ هيڊ ڪانسٽيبل  آهيان گڏوگڏ منهنجون چار ٽرڪون لاڙڪاڻي کان ڪراچي روٽ تي هلنديون آهن. هن چيو ته منهنجو 18 سالن جو نوجوان پٽ محمد پناهه عرف بابو کهاوڙ جيڪو گذريل 2 نومبر جي ڏينهن ٽرڪ تي سامان کڻائي ڪراچي ويو جتي ملير جي علائقي گهگهر ڦاٽڪ وٽ سامان لاهي گمبٽ شهر جي لاءِ ڀاڻ کڻي رات جي وقت ٽرڪ مٿان ستل هو ته سول ڪپڙن ۾ ٻن پوليس موبائيلن سميت هڪ ڪار ۾ سوار ٿي آيل نامعلوم ماڻهن کيس اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو، اهڙو اطلاع اسان حد جي اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ڏيڻ سان گڏ ايس ايس پي ملير عرفان شاهه کي ڏني سندس آفيس ۾ ڏنو ان کان علاوه مون پنهنجي مٽ مائٽن ۽ دوستن سان گڏجي پٽ کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جي مختلف ٿاڻن سميت هر هنڌ ڳولا ڪئي پر چار ڏينهن گذرڻ جي باوجود پٽ جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي ويتر اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي پوليس روزانو ڪوڙا دلاسا ڏئي رهي آهي،چيف جسٽس، سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته پٽ کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.