مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ڏوڪري شهر

تحرير؛حسن جوڻيجو

سنڌ بدترين حڪمرانيءَ واري دور مان گذري رهي آهي جتي ڏاڍي جي لٺ سدائين طاقتور جي پاسي ۽ ڪمزور جي دانهن کي لت ڏيندڙ. حڪمراني ڪندڙ سنڌ ۽ ملڪ جا مالڪ بڻيا ويٺا آهن، قانون جن جي اشاري تي ڊراما رچائي رهيو آهي ۽ عوام ڪجھه ٿيڻو ناهي واري سوچ تي تماشائي بڻجي ويو آهي. مرڪز پنهنجي طاقت جي زور تي سنڌ حڪومت کي تاراج ڪري رهيو آهي، پر عوام کي انصاف کان محروم رکڻ جو فن مرڪز ۽ سنڌ حڪومت جو ساڳيو ئي آهي. نيب جا ناٽڪ پنهنجي جاءِ تي پر ڪرپشن گهٽجڻ بجاءِ وڌي رهي آهي.

حڪمران پ پ پ جا ھجن يا پي ٽي آءِ جا سڀني جا ڌنڌا ساڳيا ئي آهن.دولت ميڙڻ لاءِ ھو ڪنھن به حد تائين وٺي سگهن ٿا. زمين تي قبضا، ڏوهاري مافيا معرفت منشيات، جوا ۽ ٻين غير قانوني ڌنڌن جي سرپرستي حڪمران ئي ڪري سگهن ٿا. اونداهي ۽ ناانصافي واري دور ۾ جيڪڏهن ڪجهھ ماڻهو سياست جي نعري بازي کان ھٽي ڪري اجتمائي مفادن لاءِ احتجاج ڪن ٿا ته حڪمران انهن احتجاجن کي مڪمل نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. ساڳي ئي صورتحال منهنجي محبوب شهر ڏوڪري جي آهي جنهن جي گهڻي قدر سڃاڻپ عالمي طور موهن جي دڙي واري آهي، پر وقت جي حڪمرانن ڏوڪري جي حالت موهن جي دڙي جي کنڊرن جهڙي بڻائي ڇڏي آهي ۽ ھاڻي ڏوڪري ۽ موھن جو دڙو پاڻ ۾ ڄڻ جاڙا ٻار ٿي پيا آهن. ڏوڪري ٽي ايم اي پ پ پ جي حوالي ھجي يا جي ڊي اي جي پر وقت جي بادشاھن کي مال ته ھر صورت ۾ کپي.

ڏوڪري جيڪو شعور ۽ ساڃاھ ۾ ته گهڻو اڳتي هيو پر وقت جي بادشاهن شعور ۽ ڏاھپ کي طاقت جي زور تي دٻائڻ ۽ ھيسائڻ جون ڪوششون سجايون ڪيون، اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڏوڪري جي سڃاڻپ کي ڏوهاري مافيا حوالي ڪيو ويو. هتان جي ماڻهن جي اڪثريت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ انور پيرزادي جي ڪردار کان ته گهٽ ڄاڻ رکندي آهي پر ڏوهاري ماڻهو جي خاندان جا نه صرف تفصيل ٻڌائيندا پر ان جي تعريف ڪندي به نه ٿڪبا ۽ ڪم ڪار لاءِ به انهن ڏوھارين جي درن تي پيا حاضريون ڀريندا آهن ۽ جيڪي ڪم نه ٿيندڙ ھوندا ته به ڏوهارين جي چوڻ تي جلد حل ٿي ويندا آهن نه ٿيندا ته اهي ڀوتارن کي چوندا ته اهو ڪم  جلد ٿي ويندو. ڀوتارن انهن ڏوهارين کي ايترو ته بدمست ڪيو جو انهن ڏوڪري پريس ڪلب جي سرپرست اعليٰ محمد رمضان جوڻيجو کي ڪھاڙيون ھنيون صحافي مونس بخاري سوڌو ٻين صحافين کي ڳچين ۾ رسا وجهي گھليو ۽ چوندا رهيا ته اوهان ڀوتارن خلاف خبرون ٿا ھلايو.اڄ شهر جي بڻيادي مسئلن جي حل لاءِ تحريڪ کي 34 ڏينهن گذري ويا آهن پر احتجاجي ڪئمپ تي ڪنهن به آفيسر يا چونڊيل نمائندي اچڻ جي زحمت نه ڪئي آهي. البته سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس ۽ ٻين حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن ته ھاڻي رڳو ڪراچي نه پر سموري سنڌ مان قبضا ختم ڪرايا وڃن پر سنڌ جي آفيسرن جي سوچ ۽ عمل تي عدالتي حڪم جو اثر گهٽ ٿي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود ڏوڪري جو اسسٽنٽ ڪمشنر رڳو علي پارڪ تان قبضو به ختم ناهي ڪرائي سگهيو حالانڪ ايريگيشن آفيس سميت نه ڄاڻ ڪيترين سرڪاري آفيسن ۽ پلاٽن تي قبضا ٿيل آهن پر ھتان جا آفيسر سمجھن ٿا ته عدالتي حڪم کان پوءِ به انهن تي ٻيلي کاتي به عمل نه ڪيو آهي انهيءَ ڪري ڏوڪري جي مکيه ۽ واحد علي پارڪ تان قبضي ختم ڪرائڻ لاءِ تيار ناهن حالانڪه علي پارڪ تان قبضي ختم ڪرائڻ لاءِ هڪ طرف شهري احتجاج ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف سپريم ڪورٽ سنڌ مان قبضا ختم ڪرڻ جا فرمان جاري ڪيا آهن پر آفيسر عوامي احتجاج تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهن.

جڏهن شهرين جو ٻيو وڏو مطالبو شراب جو گتو، منشيات جا اڏا ختم ڪرائڻ آهي پر لاڙڪاڻي پوليس پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ريل گاڏي ۾ ھيروئنين جو سڄو گاڏو بڪ ڪري انهن کي گدو اسپتال روانو ڪيو پر منشيات فروشن مان ڪنهن وڏي مڇي ۾ ھٿ نه وڌو انهي ڪري جو ھڪ ته اهي پنهنجو حصو ايمانداري سان پوليس کي ڏئي رهيا آهن باقي ھڪڙا ھيروئني گدو اسپتال روانا ڪيا ويا آهن ۽ ٻيا تيار ٿي رهيا آهن، وري پوليس کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ريل جو ٻيو گاڏو بڪ ڪرائڻو پوندوحالانڪه آءِ جي سنڌ پاران مقرر ڪيل ٽيمن کي لاڙڪاڻي پوليس ۾ ڪوبه اھڙو آفيسر نظر نٿو اچي جيڪو منشيات فروشن سان ٻٽ بڻيل هجي، انهن کي منشيات پهچائيندو هجي يا انهن کان اوڳاڙي ڪندو هجي مطلب ته لاڙڪاڻي ضلعي جي پوليس منشيات ۽ قبضن جي معاملي ۾ مڪمل انصاف پسند آهي. جڏهن ته شهري ان لاءِ به احتجاج ڪري رهيا آهن ته شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن پر ٽي ايم اي وارا صفائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن حالانڪه ٽي ايم اي ڏوڪري جي آفيس ۾ الٽو ڏھ ملازم ڀرتي ٿيل آهن، پر انهن کي بااثر ڀوتارن حوالي ڪيو ويو آهي. اهوئي سبب آهي جو علي پارڪ جيڪو سرسبز ۽ شاداب ھوندو ھو، اھو سڙي تباھ ٿي ويو آهي ڇو ته ٽي ايم اي وٽ  ھڪ اھڙو ملازم واندو ناهي جيڪو پارڪ جي سار سنڀال لهي سگهي، انهي معاملي ۾ يونين ڪائونسل جا سيڪريٽري خودڪفيل آهن جو اهي ڪنھن به ملازم کان ڪوبه ڪم وٺڻ لاءِ تيار ناهن سڄي بجيٽ پنهنجي پيٽ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن واڌو ملازمن جي پگهار مان ڪٽوتي سندن فرض ۾ شامل آهي انهن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، نه ته انهن کي نيب جو خطرو ۽ نه اينٽي ڪرپشن جو خوف آهي.حالانڪه ان معاملي ۾ ڏوڪري ٽي ايم اي وارا به وڏا ھوشيار آهن ھو يا ته رڪارڊ ساڙي ڇڏيندا آهن يا نيب کي ڪرايو ڀاڙو ۽ ٽي اي ڊي اي ڏئي خوش ڪري واپس ڪري ڇڏيندا آهن جنهن ڪري اهي پنهنجي سموري بجيٽ با آساني جيئن چاهن استعمال ڪندا آهن.

هتي هڪ چوڻي ڏاڍي مشهور آهي ته ٽي ايم اي جي بجيٽ ۽ آمدني يا ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جي نه صرف نگراني ڪندڙ آفيسر ارب پتي ٿي ويا آهن ۽  ٺيڪيدار ڪيئن مالامال ٿي ويا آهن انهي جو سبب ته ڪير کانئن پڇي؟ هي ڪرپشن جا بادشاھ ڪوبه نشان ناهن ڇڏيندا.اهو ئي حال ڏوڪري شهر لاءِ تعمير ٿيندڙ گندي پاڻي جي نالن جو آهي، ڪنهن پڇيو ته بابا هي نالا ابتا ڇو ٿا وھن..؟ جڏهن ته انهن تي 36 ڪروڙ خرچ ٿيا آهن مون چيو بابلا 36 ڪروڙ ٺيڪيدارن ۽ آفيسرن جي نون ٺهندڙ بنگلن، گهرن ۽ باقي کيسي جي خرچي ٿي ويا، لکن ۾ ٺھندڙ نالا ابتا نه وھندا باقي سبتا وھندا.اڃا به ڏوڪري جي ڪا قسمت چڱي آهي جو سوَ سالن کان قائم عمارتون تباھ ته ٿي ويون آهن پر اهي کپائي نه سگهيا آهن. ان لاءِ اڳوڻي ضلعي چيئرمين ڪوشش ڪئي پر اهو بااثر نه ھجڻ ڪري اهڙو ڪم سرانجام ڏئي نه سگهيو.

اڄ جڏهن ڏوڪري جو ھر ماڻھو احتجاجي ڪئمپ تي ويهي احتجاج ڪري رهيو آهي ته بدامني وڌي وئي آهي، تڏهن سرڪار چئي رهي آهي ته سڀ ڪجهه صحيح آهي، ڇو ته قبضا نه ٿيندا، ماڻهو پاڻ ۾ نه وڙهندا ۽ ڏوهه نه ٿيندا، منشيات نه ھلندي، شراب جو گتو ۽ منشيات جا اڏا بند نه ٿيندا ته ڀوتارن جا بنگلا به آباد رهندا ۽ آفيسر به خوش ھوندا، نه ته ڏوڪري ٽي ايم او جي ڪرسي تي ويھڻ لاءِ آفيسر دولت جا جهول ڀري ڪراچي جا پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي ٿا پون. ڇا عوام جي ڀلائيءَ صفائيءَ ۽ سٿرائيءَ جو انهن کي ايڏو خيال آهي جو آفيسر ڏوڪري عوام جي خدمت لاءِ سڻڀي ڪرسي وٺڻ لاءِ بار بار ڪراچي سيڪريٽريٽ جو طواف ڪندا رهن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.