سردار هاڻ بچي نه ٿا سگهن، محافظن کان اعتراف به سندن ڳچي ۾ پوندو: قانوندان

حيدرآباد(رپورٽر) قانوني ماهرن چيو آهي ته شهيد ناظم جوکيو جي قتل ۾ ملوث سردار هاڻ ڪنهن جي پويان لڪي نٿا سگهن، سڪيورٽي گارڊن جو اعترافي بيان به سردارن جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو.  پوليس ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪيترائي قانوني رستا موجود آهن، هي ڪيس هاءِ پروفائيل ڪيس بڻجي ويو آهي، سنڌ پوليس سردارن، وڏيرن ۽ ڀوتارن جي ذاتي ملازم ٿيڻ بجاءِ مظلوم سان انصاف جي لاءِ قانون موجب ايمانداري سان پنهنجي ذميواري نڀائي، شهيد ناظم جوکيو جي وني دليري سان بيٺل آهي، سنڌ جا ماڻهو شهيد جي وني، ٻارڙن ۽ ٻين گهرڀاتين سان ائين گڏ بيٺا رهيا ته سمورا جوابدار پنهنجي انجام تي پهچي ويندا. ان سلسلي ۾ نامياري قانوندان سجاد احمد چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته اهو امڪان ضرور موجود هو ته پوليس گارڊن کان ڏوهه قبول ڪرايو ويندو، سنڌ پوليس شفافيت واري جاچ ڪندي ان جي ذري برابري به اميد ناهي. پوليس چورن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ٻانهه ٻيلي ٿي بيٺي آهي، اڳ رڳو ايس ايڇ او جو ٻڌندا هئاسين وڏيري جو ايس ايڇ او ذاتي ملازم آهي، پر هاڻ ته ڊي ايس پي ۽ ايس ايس پي کان ويندي ڊي آءِ جي ليول جا آفيسر وڏيرن جي اوطاقن جون حاضريون ڏين ٿا. جيڪڏهن گارڊن کان اعترافي بيان ورتو به ويو تڏهن به سردار جوابدار نٿا بچي سگهن، گارڊن به سردارن جي بڇ تي قتل ڪيو هوندو. هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري ۽ نامياري وڪيل ايڊووڪيٽ هاشم لغاري چيو ته پوليس يا حڪومتي ڌريون ڀلي سڄو بار سيڪيورٽي گارڊن مٿان آڻي ڇڏين، تڏهن پنهنجي ايم پي اي کي نه بچائي سگهندا، مقتول ناظم جوکيو جي ڀاءُ جو ايف آءِ آر ۾ موقف آهي ته سردار ايم پي اي ڄام اويس جي چوڻ تي سندس ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو آهي. درست پراسيڪيوشن ٿيندي ته سرڪار پنهنجي ايم پي اي کي نه بچائي سگهندي. هن چيو ته سنڌ جو قومي شعور پنهنجي جاءِ ڀرپور انداز ۾ موجود رهيو آهي، ،  نامياري وڪيل محمد خان شيخ چيو ته هاڻ سردار ايترو آساني سان ناظم جوکيو جي خون مان جان آجي نٿا ڪرائي سگهن هي معاملو ايترو آسان ناهي، ڀلي جوابدارن کي بچائڻ جي لاءِ ڪير ڪجهه به ڪري بچائي نٿا سگهن، شهيد ناظم جوکيو جو خون سردارن کي لوڙهي ويندو. نامياري وڪيل اندرجيت لوهاڻي چيو ته ناظم جوکيو جي قتل واري ايف آءِ آر اهڙي انداز سان داخل ڪئي وئي آهي جنهن مان شڪ ظاهر ٿئي ٿو ته ان ۾ ڀوتار کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ايف آءِ آر ۾ 302 سان گڏ 34 جو قلم لڳايو ويو آهي، 302 جو مطلب قتل ۽ 34 جو مطلب هڪ کان وڌيڪ جوابدار ملوث آهن، پر ان سان گڏ بڇ ڪرڻ 109، اغوا جو قلم ۽ باندي بڻائي رکڻ سان گڏ پوسٽ مارٽم کي ڏسي قلم لڳايا وڃن ها ته ايف آءِ آر مضبوط ٿئي ها. هن چيو ته ايف آءِ آر 26 ڪلاڪ دير سان به داخل ٿي آهي، هاڻ پوليس ۽ سردارن کي بچائيندڙ طاقتون نامزد جوابدارن جون لوڪيشن ٻئي هنڌ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنديون، هي انهن جون سي ڊي آر ڏيکاريندا ته ڏسو هي ماڻهو جنهن وقت اغوا ٿيو آهي يا جنهن جڳهه تي ماريو ويو آهي ان جاءِ تي هي ماڻهو ته موجود ئي ناهن، جوابدارن کي بچائڻ جي لاءِ سمورا طريقا استعمال ڪيا ويندا، پر ڪيس جون شاهديون مضبوط آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.