ملڪ ۾ ضرورت کان وڌيڪ کنڊ موجود آهي: شوڪت ترين جي دعويٰ

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته ملڪ سمورن شعبن ۾ ترقي ڪري رهيو آهي، ملڪ ۾ ضرورت کان وڌيڪ کنڊ موجود آهي. ڪالهه آچر ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته زراعت، مصنوعات، روانگي واپار ۽ ٽيڪس اوڳاڙين سميت سمورن شعبن ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. انگ اکر ڪڏهن به ڪوڙ ناهن ڳالهائيندا ۽ ملڪ ۾ ضرورت کان وڌيڪ کنڊ موجود آهي. هن چيو ته هاڻي اسان ضرورت کان وڌيڪ چانور، مڪئي ۽ ڪپهه پيدا ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.