سڀني کي آواز اٿارڻو پوندو ته سنڌ چراگاهه ناهي: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر)  عوامي تحريڪ ۽  عوامي پورھيت تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ سومر چانڊيو حيدرآباد ۾ اياز لطيف پليجو سان ملاقات ڪري شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، سجاول جي سماجي اڳواڻن ايڊووڪيٽ نصير ملاح، ايڊووڪيٽ علي اڪبر جمالي، ايڊووڪيٽ غلام رسول ميربحر، ايڊووڪيٽ عبدالغفور خاصخيلي، صدام حسين شيخ، زبير ھنڱورجو، ذڪريا سرائي، شڪيل احمد ملاح، بشير احمد ملاح قومي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي صدر ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، زين سومرو، زاھد ڌماچ سان ملاقات ڪري اياز لطيف پليجو صاحب جي قيادت تي اعتماد ڪندي پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف اياز لطيف پليجي چيو آھي ته  حڪمران، وڏيرا، سردار، جاگيردار، نواب چاھين ٿا ته  سنڌ کي به  ھڪ اھڙو مرڪز بڻايو وڃي جتي ماڻهو وڪامن، جتي انسان وڪامن ٿاڻي احمد خان، ٿاڻي بولا خان، ڪوھستان، دادو، قمبر شھدادڪوٽ، نصيرآباد، جھل مگسي،  بلوچستان، ڏکڻ پنجاب ۾ شڪار ڪرائي عزتون پيش ڪيون وڃن ٿيون،هن چيو ته پاڪستان ۽ سنڌ جا حڪمران گلف جي ملڪن ۾ پنھنجون جائيدادون ۽ گاڏيون وٺن ٿا ۽ ان جي بدلي ۾ سنڌ جون زمينون، وسيلا، مھمان پکي، جانور نظراني طور پيش ڪندا ته  سنڌ جا ماڻھو ائين ھرگز ڪرڻ ڪونه ڏيندا. سنڌ اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن،سنڌ جي ساڃاهه وندن کي ڀرپور آواز اٿارڻو پوندو ته  سنڌ چراگاھ ناھي

  • گارڊن جو اعترافي بيان  سردارن کي به سوڙهو ڪندو : علي پلهه

حيدرآباد: وفاقي حڪومت جي انساني حقن جي وزارت جي سنڌ بابت فوڪل پرسن ايڊووڪيٽ علي پلهه ڳالهائيندي چيو ته اسان اڄ شهيد ناظم جوکيو جي وارثن سان ملاقات ڪنداسين ۽ واقعي جي تفصيلي رپورٽ ٺاهي انساني حقن جي وفاقي وزارت جي حوالي ڪنداسين، هر صورت ۾ شهيد ناظم جوکيو جي وارثن سان انصاف ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته هن وقت سوشل ميڊيا تي سڪيورٽي گارڊن جي اعترافي بيان وارين خبرن کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو اهو چئي رهيا آهن ته گارڊن جي بيان کانپوءِ سردار بچي ويندا، پر گارڊن جو اعترافي بيان گارڊن سان گڏ سردارن کي به هاڻ سوڙهو ڪندو، ڇو ته هاڻ اها ڪڙي جڙندي ته توهان ڪنهن جي چوڻ تي اغوا ڪيو ۽ قتل ڪيو، حڪم توهان کي ڪنهن ڏنو، اهو ممڪن آهي ته سڪيورٽي گارڊن جي بيان کانپوءِ ڪيس ۾ وڌيڪ مدد ملندي. 03

  • ناظم جو خون لوڙهڻ جي ڪوشش ٿي ته سنڌ ڀرپور ردعمل ڏيندي: سنڌو نواز

حيدرآباد (پ ر) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو، سهيل ڀٽو، حمز چانڊيوماجد ڏنوار اسد مغيري ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ بااثر ڌريون ناظم جوکيو جي ڪيس کي خراب ڪري خون لوڙهڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهن، ناظم جوکيو جي خون جي وارث سڄي سنڌ آهي، اهڙي ڪنهن به ڪوشش تي سنڌ پنهنجو ڀرپور رد عمل ڏيندي، سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين چيو آهي ته شهيد ناظم جوکيو جي پوسٽ مارٽم جي سامهون آيل ڇرڪائيندڙ آهي، فطرت سان پيار ڪندڙ نوجوان کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي، ايذاءِ ڏئي قتل ڪيو ويو، واقعو سردارن جي وحشت کي ظاهر ڪري ٿو، وقت اچي ويو آهي ته سنڌ سردارن، ڀوتارن ۽ وڏيرن مان جند ڇڏائي، سنڌ کي سڀ کان وڌيڪ نقصان انهن ويڪو وڏيرن، سردارن ۽ ڀوتارن ڏنو آهي، جيڪي پنهنجا ڳڀرو جوان هٿ سان مارائين اهي برادرين ۽ ويڙهن جا رکوالا نه ٿا ٿي سگهن، سنڌو نواز گهانگهرو جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شهيد ناظم جوکيو جي قتل جي شفاج جاچ ڪرائي ملوث سمورن جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏئي مثال بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.