فهميده سيال ڪيس: ايم پي اي جي والد ۽ ڀاءُ جي گرفتاري کان اڳ ضمانت

قمبر(م ڊ) قمبر شهدادڪوٽ جي علائقي خيرپورجوسو ۾ زمين تي تڪرار تي فائرنگ ۽ عورت جي قتل معاملي ۾ نامزد مرڪزي جوابدارن هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت حاصل ڪري ورتي، متاثر خاندان پ پ ايم پي اي گهنور اسراڻ جو نالو ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، فهميده سيال جي قتل ۾ نامزد ڊاڪٽر شهيد اسراڻ ۽ پٽ نديم اسراڻ گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي ورتي، ڪيس جي جاچ آفيسر ۽ پکو ٿاڻي جي ايس ايڇ او نور محمد چنا مطابق نامزد جوابدارن ڊاڪٽر غلام شهيد اسراڻ ۽ هن جي پٽ نديم اسراڻ گرفتاري کان اڳ ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته گرفتار چئن جوابدارن کان شروعاتي جاچ شروع ڪئي وئي آهي،چئني جوابدارن کي جڊيشل مئجسٽريٽ قمبر جي عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.