ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جي شهادت تي سرداري ڏاڍ خلاف ڪاوڙ جي لهر

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)  ڪوهستان ۾ شهيد ٿيندڙ ناظم جوکيو جي قتل واقعي خلاف ڪالهه مختلف تنظيمن پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. حيدرآباد جي قومي ڪارڪن فقير بشير لغاري ساٿين سميت ملير ۾ وڏيرن جي هٿان تشدد ۾ قتل ٿي ويل ناظم جوکيو ۽ قمبر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل فهميده سيال جي بي رحماڻي واقعن خلاف احتجاج ڪيو. پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران ناظم جوکيو قتل واقعي خلاف ارشد آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو.ان موقعي تي هنن چيو ته ملير ۾ عربن کي پکين جي شڪار تان روڪڻ تي تر جي وڏيرن گهر گهرائي وحشياڻو تشدد ڪري ناظم جوکيو کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته قمبر ۾ هٿياربندن ناحق هڪ عورت کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ وڏيرا شاهي جو ظلم ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، جهمپير سوشل فورم  پاران شھيد ناظم جوکيو جي قتل خلاف سخت احتجاج ڪري شھر ۾ گشت ڪرڻ کان پوءِ پريس ڪلب جهمپير اڳيان ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي مظاهري ۾ سوين شھرين شرڪت ڪئي مظاهري کي خطاب ڪندي جهمپير سوشل فورم جي اڳواڻ اسد گوپانگ  خطاب ڪندي چيو ته شھيد ناظم جوکيو پنهنجو سرڏئي سرداري ۽ جاگيرداري نظام ٿڏي ڇڏيو آھي هنن وڌيڪ چيو ته پورو ڪوهستان عرب شھزادن حوالي ڪيو ويو آھي جتي کين هزارين ايڪڙ زمينون ليز ڪري ڏنيون ويون آھن جيڪي هڪدم رد ڪري مقامي ماڻھن کي ڏنيون وڃن ڌرڻي کي لطيف گوپانگ ،سلطان شورو علي سولنگي مير خان شورو ۽ ٻين خطاب ڪيو ڪوٽڙي ۾ ٻولھاڙي اتحاد پاران يوسف سارنگ، لونگ ملاح بابر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ سردارن ۽ ڀوتارن جي دهشتگردي وڌي وئي آهي قمبر ۾ ايم پي اي پاران عورت کي گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي، عورت فهميده سيال، ناظم جوکيو ۽ ارسلان ابڙو جي خونن سان انصاف لاءِ لاڙڪاڻي ۾ سول سوسائيٽي جي اڳواڻن طرفان معصوم ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي نصرالله ابڙو، يسار سنديلو معصوم ٻارڙن سنڌو ابڙو، سنڌو سنديلو، رحمنٰ ابڙو، دولھ درياء خان ابڙو ۽ ٻين سان گڏجي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پئي سنڌ ۾ غريب ماڻهو لاءِ ڪو به قانون نه آهي، هتي سرداري ۽ جاگيرداري نظام سبب انڌير نگري چرٻٽ راجا قانون پيو هلي، ميهڙ ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ضلع دادو پاران شھيد پروفيسر زين العابدين سوڍر، شھيد نوجوان شاگرد ارسلان ابڙو ، شھيد ناظم جوکيو ۽ شھيد فھميدہ خاصخيلي جي قتل ۾ ملوث قاتلن جي گرفتاري لاءِ غلام مصطفيٰ چانڊيو ،سڪندر سوڍر،عبدالحميد سومرو ،صيف الله ابڙو ،غلام شبير منگي ،محمد امين ابڙو ،اڪبر سوڍر ،مجيد سوڍر ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ ميھڙ انڊس ھاءِ وي کان 2 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري ميهڙ پريس ڪلب ميھڙ تائين احتجاجي مظاھرو ڪري گھنٽا گھر چوڪ وٽ ڌرڻو ھنيو ويو هوڏانهن راڌڻ لڳ سيھڙ اسيٽيشن ۾ پ پ جي بااثر سردارن هٿان بي گناهه قتل ڪيل نوجوان ناظم جوکيو ۽  خيرپور جوسو ۾ پ پ جي وڏيري هٿان بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيل نياڻي فهميده سيال جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جمعيت علماء اسلام پاران تعلقي ڏوڪري جي جنرل سيڪريٽري  مفتي نصير احمد ڀٽو جي اڳواڻي سيهڙ جي روشن بازار کان اسٽيشن روڊ ريلي ڪڍي 2 ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو ويو ۽ سخت نعريبازي ڪئي وئي، ريلي  ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين شرڪت وڏي انگ ۾ شرڪت  ڪئي.ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي  مفتي نصير احمد ڀٽو، حامد سنڌي جي ايم سرگاڻي،  ڊاڪٽر  فياض احمد جوڻيجو رياض احمد جوڻيجو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پ پ جا سردار مير ۽ وڏيرا پنهنجو حڪومتي ڏاڍ ڏيکاريندي سر عام ماڻھو ماري رهيا آهن، ٽنڊو باگو ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان تازو بيدردي سان قتل ٿي ويل شهيد ناظم جوکيو جي قتل خلاف قومي عوامي تحريڪ طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو پدرشاھي  جاگيرداري نظام نامنظور ناري جمھوري محاذ نصيرآباد پاران خيرپورجوسو۾ بيدردي سان قتل ڪيل ناري فھميدا سيال جي قاتلن ۽ سندن سھولتڪارن جي گرفتاري لاءِ فوزيا سينگار نوناري عابدا چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوناري محلا کان تعلقا پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي احتجاجي ريلي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي پ پ پ شھيد ڀٽو ۽ شھري اتحاد جا اڳواڻ پڻ شريڪ ٿيا ان موقعي تي خطاب ڪندي شازيا نوناري، ثمن عابدا چنا ،سينگار نوناري، ڪامريڊ ابراھيم چانڊيو ۽ ٻين چيو تـ سنڌ اندر پدر شاھي ۽ جاگيرداري ۽ ڀوتارڪي راڄ قائم ٿيل آھي جنھن خلاف ھاڻي سڀني سنڌ دوستن ۽ عوام دوستن کي اڳتي اچڻو پوندو وڏايرا سرعام سنڌ جي نوجوانن کي بنا ڪنھن ڏوھ جي صرف پنھنجي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ سبب بيدردي سان قتل ڪري رھيا آھن ھنن چيو تـ خيرپورجوسو جي نياڻي فھميدا سيال پنھنجي گھر جو تحفظ ڪندي ظالم وڏيري جي ڳولين جو کان بڻجي وئي ٻئي پاسي  مومل جي ماڙي جي مختلف سياسي ، سماجي اڳواڻن ڪامريڊ لياقت بوزدار ، ثناءُ الله ڀٽو ، شاھ خالد ، قربان بوزدار ، سليم بوزدار ، منان ڀٽو ، حسن ڪلادي ، منان ٻرڙو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته شهيد ناظم جوکيو جي قتل ۾ عرب شڪاري پڻ ملوث آهن کين انهن کي بي گرفتار ڪري ڪيس ۾ شامل ڪيو وڃي خيرپورناٿن شاھ ۾ شهيد زين العابدين سوڍر ۽ شهيد ناظم جوکيو جي قتل خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان ضلعي دادو جي نائب صدر نظير احمد ٻٻر ، حسين آزاد لغاري، جميل چانڊيو، احمد شاھ، وسيم ڀرڳڙي، جواد چانڊيو، مهراڻ ٻٻر، رشيد سوڍر، اعجاز سوڍر جي اڳواڻي ۾ مين بس اسٽاپ کان مهراڻ پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.