ڊسڪا ۾ ووٽ چوري ثابت ٿي، عمران نيازي استعيفيٰ ڏئي: شهباز شريف

لاهور (م ڊ) ن ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن عمران نيازي کي قانون، جمهوريت ۽ سياسي قدرن جو ذرو به احترام آهي ته ڊسڪا چونڊ جي حوالي سان رپورٽ اچڻ کانپوءِ استعيفيٰ ڏئي ۽ قانون کي منهن ڏئي. ڊسڪا چونڊ بابت جاچ رپورٽ تي ردعمل ڏيندي شهباز شريف چيو ته عوام کان سرمائي جيان ماڻهن جو ووٽ پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو اختيار به ڦرڻ ۽ کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڊسڪا چونڊ بابت رپورٽ اچي وئي آهي ۽ ووٽ چوري ثابت ٿي چڪي آهي، عمران نيازي ٻڌائي ته هاڻ ڇا جو انتظار آهي، هاڻ ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو جيڪڏهن عمران نيازي کي قانون، جمهوريت ۽ سياسي قدرن جو ذرو به احترام آهي ته ڊسڪا چونڊ جي حوالي سان رپورٽ اچڻ کانپوءِ استعيفيٰ ڏئي ۽ قانون کي منهن ڏئي، نواز شريف جيان وزيراعظم ٿي قانون کي منهن ڏيڻ ۽ پيشيون ڀوڳڻ لاءِ وڏي دل گهرجي، جيڪڏهن عمران نيازي طاقتور آهي ته پاڻ کي قانون هيٺان آڻي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.