ڪرشنگ دير سان شروع ڪرڻ بابت وفاق جا الزام رد، ڇا مهانگائي جي ذميوار به پ پ آهي: ترجمان سنڌ سرڪار

ڪراچي (رپورٽ: صادق سومرو) پ پ اڳواڻن چيو آهي ته ڪمند جي ڪرشنگ دير سان شروع ڪرڻ جي وفاقي حڪومت جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ڇا ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي ذميوار به پ پ آهي؟ ملڪ ۾ مهانگائي عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، اسان عمران خان کي عوام کي چونو هڻڻ نه ڏينداسين. پ پ ايم اين اي شازيا مري ۽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب ڪراچي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ جو قرض اسان جي جي ڊي پي جي تقريبا 95 سيڪڙو تائين وڃي پهتو آهي، جيڪا فسڪل ريسپانسبلٽي ايڪٽ 2005 جي کليل ڀڃڪڙي آهي، جنهن موجب ملڪي قرض جي ڊي پي جي 60 سيڪڙو کان وڌڻ نه گهرجي ۽ ملڪ جو ٻاهريون قرض تقريبن 122 ارب ڊالر تائين پهتو آهي. هنن چيو ته ملڪ جون حالتون ڪنهن کان لِڪيل ناهن، وزيراعظم جي عوام دشمن پاليسين پاڪستاني عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ۽ عمران نيازي 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن جي خاتمي جي دعويٰ ڪئي هئي پر پي ٽي آءِ جا ماڻهو پاڻ ڪرپشن ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ ۾ ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. سندن چوڻ هو ته عمران نيازي جي احتساب جو نعرو ڪوڙو هو، افسوس ته نيب ڪرپشن ۾ ملوث پي ٽي آءِ حڪومت جي ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي نٿو ڪري. شازيا مري چيو ته عمران خان ملڪ جي معيشت، تعليمي نظام ۽ سيڪيورٽي جو چهرو به بگاڙي ڇڏيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ پنجاب ۾ 12 پوليس اهلڪارن کي ڊيوٽي دوران شهيد ڪيو ويو، حڪومت ان تي ڪو به ايڪشن نه کنيو، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ رات جي اونداهي ۾ وڏي واڌ ڪئي وئي، ٽن سالن ۾ اهي 13 دفعا پيٽرول مهانگو ڪري چڪا آهن، پيپلز پارٽي ان فيصلي کي رد ڪري ٿي ۽ ان نالائق حڪومت بجلي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ به اضافو ڪيو آهي انهن عوام دشمن فيصلن کي پيپلز پارٽي رد ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ دوائن جي قيمتن 500 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. حڪومت بمپر ڪراپ جو اعلان ڪري ٿي پر ڪڻڪ ۽ کنڊ امپورٽ ڪئي ويندي آهي. تبديلي جي نالي تي پاڪستان ۾ تباهي اچي چڪي آهي. اسان حڪومت جي طرفان ڏينهون ڏينهن تباهي جا اعلان ٻڌندا آهيون. وزيراعظم چوندو هو ته جڏهن پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو ٿيندو آهي ته حڪمران چور هوندا آهن ان ڳالهه جي حساب سان اڄ ملڪ جا سڀ کان وڏو چور وزيراعظم آهي ڇو ته هن ملڪي معيشت جو ڏيوالو ڪڍيو آهي. مهانگائي عوام جو رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن، گيهه ، آئل ۽ ٻين کائڻ پيئڻ جي شين جي اگهن ۾ تاريخي اضافو ڪيو ويو آهي. شازيه عطا مري جو چوڻ هو ته عمران خان آمريڪي ماڻهن جي مثال ڏيندو آهي ، آمريڪا ۾ مزدور کي 15 ڊالر في ڪلاڪ ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ هڪ شهري جي سالياني آمدني 13 سوءُ ڊالر آهي. شازيا مري چيو ته موجوده حڪومت جي وزيرن کي ٻڏي مرڻ گهرجي. ڀارت ۾ روپيو مضبوط آهي پاڪستان جو روپيو ڪمزور ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ملڪي حالتن کي ڀارت سان ڀيٽيو پيو وڃي. ڀارت ۾ پگهارون وڌيڪ آهن پر پاڪستان کي ان سان جوڙڻ مناسب ناهي. ڪوڙ ڳالهائي شهرين کي گمراهه ڪيو پيو وڃي. شازيه عطا مري چيو ته وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي غلامي ۾ مصروف آهي. عمران خان آءِ ايم ايف جي ايجنڊا تي هلي رهيو آهي. ڪوڪنگ آئل 410 روپيا ليٽر ملي رهيو آهي. انڊن جي قيمت ايتري وڌي وئي آهي انڊا انهن کي هڻي به نه ٿا سگهون انڊا انهن کي هڻي ضايع نه ٿا ڪري سگهون. مرغي جي قيمت تاريخي پيڪيج کانپوءِ 400 کان وڌي چڪي آهي. شازيه مري چيو ته حڪومت جي رليف پيڪيج ۾ عمران خان عوام کي گهبرانا نهين جو پيغام ڏنو آهي. عمران خان کي گهر موڪلڻ جي لاءِ عدم اعتماد جي تحريڪ ئي واحد حل آهي. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، ترجمان سنڌ حڪومت مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي حڪومت جو ترجمان ٻڌائي ته اهي ڪهڙيون شگرملز آهن جيڪي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ هلي رهيون آهن. احساس پروگرام هلائڻ سان احساس پيدا نه ٿيندو آهي. وفاقي حڪومت کي عوام جي لاءِ ڪو احساس نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.