ايندڙ چونڊن ۾ پ پ کي”مرسون مرسون ووٽ نه ڏيسون“ جواب جوابد ملندو: اسد عمر

 

وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪڻڪ پيدا ڪرڻ ۾ صوبا خود مختيار آھن پر سنڌ ۾ ڪڻڪ هوندي اٽو مهانگو ڇو آھي آهي؟ سنڌ ۾ 80 رپيا اٽو ڪلو ڇو پيو هلي، وڏو وزير ان جو جواب ڏئي، ھاڻ بيان اچن پيا ته اربن رپين جي سنڌ جي گودامن ۾ پيل ڪڻڪ کي ڪوئا کائي ويا آهن.

ڪوٽڙي جي سچل گرائونڊ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جلسي کي خطاب اسد عمر چيو ته 18 ترميم جي ڳالھه ڪندڙ سنڌ حڪومت تي صحت جي ذميواري آهي، ڪورونا وائرس ۾ حڪومت رپيو خرچ نه ڪيو، ويڪسين جي ذميواري صوبن جي هئي پر وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ويڪسين ڏني.

هن چيو ته عمران خان لاءِ پاڪستان جا شهري سڀ برابر آھن، سنڌ جي نوجوان کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪامياب جوان پروگرام ۾ هنر جي تعليم ڏني پئي وڃي، ڄامشوري ۾ سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽي لاءِ منصوبا ڏنا آهن، حيدرآباد ۾ وفاقي يونيورسٽي جو بنياد پيا رکون پر سنڌ حڪومت مخالفت پئي ڪري، اسان سکر حيدرآباد موٽر وي لاءِ به رقم رکي آھي.

سندس چوڻ هو ته کنڊ جو بحران سنڌ ۾ آهي، سنڌ جون شگر ملون آصف علي زرداري جون آھن، کنڊ مهانگي ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت ملوث آهي، اهي ٽوپي ڊرامو پيا ڪن، کين شرم اچڻ گهرجي، ايندڙ چونڊن ۾ اهي ووٽ وٺڻ ويندا ته کين سنڌ جي عوام طرفان جواب ملندو ته ”مرسون مرسون ووٽ پ پ  کي نه ڏيسون“. حليم عادل شيخ تقرير ڪندي چيو ته محرابپور ۾ صحافي عزيز ميمڻ کي ويڊيو ٺاهڻ تي قتل ڪيو ويو، وري ناظم جوکئي کي شڪار ڪرڻ کان روڪڻ تي ماريو ويو، سنڌ ۾ ويڊيو ٺاهڻ جي سزا موت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.