وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ تان پابندي ختم ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) تان پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ گهرو وزارت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو.

گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٽي ايل پي کي ڪالعدم تنظيمن جي فهرست مان ڪڍيو ويو آهي.

پڌرائيءَ موجب تنظيم پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي پاسداري جي خاطري ڪرائي، جڏهن ته پنجاب ڪابينا تحريڪ لبيڪ تان پابندي هٽائڻ جي سفارش ڪئي هئي.

ان کان اڳ وفاقي ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان تان پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏني.

واضح رهي ته گهرو وزارت تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي هلندڙ سال 15 اپريل تي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.

پنجاب حڪومت وفاقي ڪابينا کي ڪالعدم تنظيم تان پابندي هٽائڻ جي سمري موڪليندي چيو هو ته تنظيم اڳتي پرتشدد نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ مستقبل ۾ ملڪي آئين ۽ قانون جو احترام ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.