”وفاق نااهلي لڪائڻ لاءِ سنڌ تي الزام پيو هڻي، واحد حل عمران خان کي گهر موڪلڻ آهي“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻن چيو آهي ته ڪمند جي ڪرشنگ دير سان شروع ڪرڻ جي وفاقي حڪومت جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ڇا ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي ذميوار به پ پ آهي؟ ملڪ ۾ مهانگائي عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، اسان عمران خان کي عوام کي چونو هڻڻ نه ڏينداسين.

پ پ ايم اين اي شازيا مري ۽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب ڪراچي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ جو قرض اسان جي جي ڊي پي جي تقريبا 95 سيڪڙو تائين وڃي پهتو آهي، جيڪا فسڪل ريسپانسبلٽي ايڪٽ 2005 جي کليل ڀڃڪڙي آهي، جنهن موجب ملڪي قرض جي ڊي پي جي 60 سيڪڙو کان وڌڻ نه گهرجي ۽ ملڪ جو ٻاهريون قرض تقريبن 122 ارب ڊالر تائين پهتو آهي.

هنن چيو ته ملڪ جون حالتون ڪنهن کان لِڪل ناهن، وزيراعظم جي عوام دشمن پاليسين پاڪستاني عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ۽ عمران نيازي 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن جي خاتمي جي دعويٰ ڪئي هئي پر پي ٽي آءِ جا ماڻهو پاڻ ڪرپشن ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ ۾ ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.

سندن چوڻ هو ته عمران نيازي جي احتساب جو نعرو ڪوڙو هو، افسوس ته نيب ڪرپشن ۾ ملوث پي ٽي آءِ حڪومت جي ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي نٿو ڪري.

شازيا مري چيو ته عمران خان ملڪي معيشت جو چهرو بگاڙي ڇڏيو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ رات جي اونداهي ۾ وڏي واڌ ڪئي وئي، ٽن سالن ۾ اهي 13 دفعا پيٽرول مهانگو ڪري چڪا آهن، گيهه، اٽو، کنڊ، بجلي، گئس ۽ دوائن سميت هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي، پ پ اهڙن عوام دشمن فيصلن کي رد ڪري ٿي.

هن چيو ته حڪومت جي رليف پيڪيج ۾ عمران خان عوام کي ”گهٻرائڻو ناهي“جو پيغام ڏنو آهي، عمران خان کي گهر موڪلڻ لاءِ بي اعتمادي رٿ ئي واحد حل آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي حڪومت جو ترجمان ٻڌائي ته اهي ڪهڙيون شگر ملز آهن، جيڪي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ هلي رهيون آهن، ڪابينا جي فيصلي کانپوءِ اڃا تائين کنڊ امپورٽ نه ٿي، امپورٽ، ايڪسپورٽ وفاقي حڪومت جو ڪم آهي، اهي پنهنجي نااهلي جو الزام سنڌ حڪومت تي هڻي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.