ڦل شهر ۽ ڀرپاسي جَر ۾ سيکنيو، ماڻهو بيمارين ۾ وٺجي ويا، ڪيترائي فوت

ڦل (رپورٽ: محمد سچل سومرو) ڦل شھر ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ جَر جي پاڻي ۾ ”سينکيو“ ظاهر ٿيو آهي، جنهن سبب سوين شهرين مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

جَر جو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار ٿيڻ سبب شھر سميت ڪيترن ئي ڳوٺن حاجي بحرام چانڊيو، فقير ڳوٺ، ھاشم ڦل، عبدالله ڦل، ھوتي ڦل، ڀيڏر، حاجي راھو ڦل، ابڙاھو، سوڀو خان رند، سرائي ابراھيم پريو، ڪلرو، مٺل وڳڻ، پنھل فقير، عبدالڪبير ڦل، حاجي خميسو ڦل، نورنگ لاشاري، نوڪر علي کوسو، فيض محمد کوسو، دري، مينگھلو، ملھار خان لغاري، ڄام وڳڻ، غلام قادر بروھي، واسڻي، محمود ميمڻ، گل محمد پريو ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن جا سوين رهواسي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن.

تر جي سياسي، سماجي اڳواڻن سگا جي محمد خالد ميمڻ، پروفيسر بخش علي چانڊيو، رياض احمد چانڊيو، راجا عبدالرزاق ملاح ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڪجھه عرصو پھريان ڦل شھر جي جر جو پاڻي ٽيسٽ ڪرايو ھو ته تقريبن 70 سيڪڙو پاڻي ۾ سينکيو ظاھر ٿيو ھو، جيڪو انساني زندگين لاءِ حاڃيڪار آھي ۽ ڊاڪٽر پاڻي واپرائڻ کان پڻ منع ڪري رھيا آھن.

سندن چوڻ هو ته سينکيو وارو پاڻي واپرائڻ سان مختلف بيماريون ٿي رهيون آهن، جن ۾ بلڊ پريشر، ڦڦڙن جي بيماري، چمڙي جي بيماري، الٽي، موشن، گڙدن ۽ پيٽ جي بيمارين سميت ٻيون شامل آهن، هاڃيڪار پاڻي سبب ڪيترائي ماڻهو اسپتال ڀيڙا ٿي چڪا آهن، جڏهن ڪيترائي پڻ فوت ٿي چڪا آھن، دانهڻ باوجود انتظاميا ڪو قدم ناهي کنيو.

هنن ڊي سي نوشھروفيروز سميت ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڦل شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ آر او پلانٽ لڳائي ڏنو وڃي ته جيئن ماڻهن جون زندگيون بچي سگهن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.