ڪوٽڙي: ٻولهاڙي اتحاد پاران ناظم جوکيو ۽ قمبر ۾ قتل ڪيل عورت واري واقعي خلاف احتجاج

ڪوٽڙي ۾ ناظم جوکيو جي قتل واري واقعي ۽ قمبر واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ ٻولهاڙي اتحاد پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

يوسف سارنگ ـ لونگ ملاح ـ بابر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻولهاڙي اتحادي پاران اسٽيشن روڊ کان المدينا چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ سردارن ۽ ڀوتارن جو ظلم وڌي ويو آهي ناظم جوکيو کي سرداري ظلم جو نشانو بڻائي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.

هنن چيو ته قمبر ۾ به ايم پي اي جي ماڻهن پاران عورت کي گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ناظم جوکيو جي قاتلن کي ڦاهي ڏئي شهيد جي ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم لڳائي ٻين جوابدارن کي به شامل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.