تبديلي سرڪار عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، ڀاڄي به غريب جي پهچ کان ٻاهر

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي رهيا آهن ۽ هاڻ سبزي به غريب عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿي وئي آهي.

ڪراچي ۾ سياري جي موسم ايندي ئي سبزين جي ڀرمار باوجود شهر ۾ ڪيتريون ئي سبزيون 100 رپيا ڪلو يا ان کان وڌيڪ ۾ ملي رهيون آهن.

رپورٽ موجب ٽماٽي جي هڪ ڀيرو ٻيهر کوٽ ٿي وئي آهي ۽ ٽماٽو 200 کان 240 رپين تائين ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، سيزن باوجود گجر 80 رپيا ڪلو، موري به 80 رپيا ڪلو وڪرو ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته مٽر 300 رپيا ڪلو تائين پهچي ويا آهن.

سبزي فروشن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت وڌڻ سان پهچ جي لاڳت به وڌي وئي آهي، سنڌ کان وڌيڪ بلوچستان مان سبزيون اچي رهيون آهن، جن جي پهچ جي لاڳت وڌيڪ آهي.

ڪراچي ۾ نئون پٽاٽو 80 کان 100 رپيا ڪلو، پراڻو پٽاٽو 50 رپيا ڪلو، ننڍو بصر 40 رپيا ۽ وڏو بصر 80 رپيا، ساوا مرچ 200 رپيا، ٿوم 280، ليمون 220 رپيا، ڪدو 80 رپيا، ڀينڊي 180 رپيا، ڪريلو 120 رپيا، پالڪ 80 رپيا، واڱڻ 80 رپيا، گوگڙو 120 رپيا ڪلو ٿي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.