”اشتهارن ۾ رڳو عورتن کي شامل ڪرڻ جو معاملو اٿاريندس“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) مذهبي هم آهنگي بابت وزيراعظم جي خاص نمائندي علامه طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته ملڪ ۾ خوبصورت مردن جي کوٽ ناهي پر اشتهارن ۾ عورتن کي شامل ڪيو ويندو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طاهر اشرفي چيو ته ڪالعدم تحريڪ لبيڪ سان معاملو بهتر انداز ۾ حل ٿيو، رياست جو ڪردار ماءُ جهڙو هجڻ گهرجي پر اولاد کي به ماءُ جو ڳلو نه پڪڙڻ گهرجي.

هن چيو ته وڳوڙن ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس جوانن جي بلند درجن لاءِ دعاڳو آهيون پر ڳالهيون جو رستو ئي مسئلي جو حل هو.

سندس چوڻ هو ته جنسي ڏوهن ۾ واڌ ٿي آهي، زيادتي ڪندڙ 10 ماڻهن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي ته ڏوهه گهٽجي ويندا.

طاهر اشرفي وڌيڪ چيو ته هر اشتهار ۾ عورت جو ڪردار وجهڻ جي خلاف آهيان، ملڪ ۾ خوبصورت مردن جي کوٽ ناهي پر اشتهارن ۾ عورتن کي شامل ڪيو ويندو آهي، تنهن ڪري اشتهارن ۾ غير ضروري طور عورتن جو ڪردار شامل ڪرڻ تي پيمرا ۽ پي ٽي اي سان رابطو ڪنداسين.

هن چيو ته 20 فيبروري تي اسلام آباد ۾ پيغام امن ڪانفرنس ٿيندي، جنهن ۾ ڪعبي جو امام، قاضي القضاه فلسطين سميت 5 هزار عالم شريڪ ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.