بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان صوبي جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو.

بلوچستان ڪابينا جي حلف برداري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، جتي سيد ظهور احمد آغا صوبائي ڪابينا ميمبرن کان حلف ورتو.

حلف کڻندڙن ۾ سردار صالح ڀوتاڻي، ظهور احمد بليدي، سردار عبدالرحمان کيتران، نوابزادا طارق مگسي، نور محمد، اڪبر آسڪاڻي، سڪندر عمراڻي، عبدالخالق هزارا، زمرڪ اچڪزئي ۽ محمد خان لهڙي شامل آهن.

ان کانسواءِ احسان شاهه، نصيب الله مري، مبين خان خلجي ۽ مير الله بلوچ به صوبائي وزير جي عهدي جو حلف کنيو.

وزيرن جي قلمدانن جو نوٽيفڪيشن پوءِ جاري ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.