پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته عالمي سطح تي شين جي اگهن ۾ غير معمولي واڌ دنيا جي ٻين ملڪن کي پريشان ڪري رکيو آهي.

هن چيو ته انهن ملڪن کي ڪورونا دوران لاڪ ڊائون به بُري ريت متاثر ڪيو آهي پر پاڪستان انهن جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.